ڪجهه ماڻهن جي اقتدار جي هوس سبب ملڪ کي نقصان ٿيو: جسٽس فائز

ڪراچي(رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ججن کي آخرت ۾ جوابده ٿيڻو پوندو، ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني ڊنر کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ ميمبر کي برابر ووٽ جو حق آئين ڏئي ٿو، اهو ڪٿي ناهي لکيل ته ججن جي مقرري جو چيف جسٽس کي اختيار آهي، هن چيو ته پاڪستان کي قائم ٿئي 7 سال ئي ٿيا ته ان جي جمهوري نطام تي حملو ڪيو ويو، ان وقت جي عدالت ان غيرجمهوري حملي کي غيرآئيني قرار ڏنو، هن چيو ته ان وقت جيڪا غيرآئيني فيصلن جي پاڙ لڳائي وئي ان جو ملڪ تي ناڪاري اثر پيو، ماضي ۾ غيرقانوني فيصلي سان اڳوڻي وزيراعظم کي موت جي سزا ڏني وئي، هن چيو ته  2007ع ۾ وڪيلن تحريڪ ججن لاءِ نه شهرين لاءِ هلائي،  قرباني ڪراچي جي شهرين ڏني، مڪو لوڏيندڙ ڪنٽينر جي سياست شروع ڪئي،هن چيو ته بلوچستان جي وڪيلن جي به عدليه جي آزادي لاءِ وڏي قرباني ڏني، ڪجهه ماڻهن جي اقتدار جي هوس سبب ملڪ کي نقصان ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.