مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ۽ سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر  سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۾ وڪيلن  سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هنن ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر جي آفيس جو دورو ڪيو.هاءِ ڪورٽ بار جي صدر شهاب سرڪي، جنرل سيڪريٽري عمر سومرو سميت وڪيلن جو وڏي تعداد موجود هو.ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ عدالتن جو احترام ڪندا آهيون، هاءِ ڪورٽ ماضي ۾ تاريخ ساز فيصلا ڪيا.هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اسان مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون .پ پ جمهوريت تي يقين رکندي آهي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت وڪيلن جي هر طرح مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.هن چيو ته ڪراچي بار جي اڳوڻي صدر نعيم قريشي جي اپيل تي اسان وڪيلن جي سهولت لاءِ پارڪنگ ٺاهي آهي.هن چيو ته وڪيلن جي هيلٿ انشورنس جو چيڪ به جلد ڪراچي بار حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.