ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي گهڻي تڪليف ڏني آهي: گورنر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ عوام کي تمام گهڻي تڪليف ڏني آهي. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته هو ڪي اليڪٽرڪ بابت وفاق ۽ صوبي سان ڳالهائيندو، سندس چوڻ هو ته حافظ نعيم الرحمان جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي سڀ صوبي جو آواز آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته گڏجي محبت جي پيغام کي اڳتي وڌايون، سمورين پارٽين کي اپيل ڪندس ته شهر لاءِ گڏجي ڪم ڪن. ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ خاص ڪري ڪراچي لاءِ ڪجهه درخواستون سنڌ جي گورنر آڏو رکيون آهن، ڪراچي جا ڪيترائي مسئلا وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.