فوجي سربراهه جي مقرري وارو معاملو ۽ ”غلطي ٿي وڃڻ “ جو احساس

تحرير: نصرت جاويد

هلندڙ هفتي فرياد ڪندو رھيو هو س ته مقرري جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جو رستو ڳوليو وڃي.ان فرياد جو مقصد ڪنهن خاص ماڻهو جي حمايت ڪرڻ نه هو.ذاتي طور تي اتان ”رٽائرڊ“ ٿيندڙ ڪنھن جونئير آفيسر کي نٿو سڃاڻان،جنھن عھدي تي مقرري جو انتظار آ هي.ايستائين رسائي جي ڪڏھن ڪوشش ئي ناھي ڪئي.

ملڪي سياست جو بھرحال  ڊگهي مدي کان شاهدي آھيان ۽1991 کان ”مقرري“ جي مرحلن دوران جنھن مونجھاري واري ڪيفيت جو مشاھدو ڪو آھي، ان کي ذھن ۾ رکندي ئي اھا فرياد ڪرڻ تي مجبور ٿيو ھوس تھ ذڪر ڪيل منظر ۾ جلد فيصلو ڪري ڇڏجي. غير ضروري دير سان معاملا  مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا،پر حڪومت خبر ناھي ڇو  خاص تاريخ جي انتظار تي ضد ۾ ٻڌي بيھي رھي.

ان ذريعي شايد اھو پيغام ڏيڻ مقصد ھو تھ وزيراعظم شھبازشريف پنھنجي عھدي تي نھايت اعتماد سان براجمان آھي.”اڻ ٿيڻي“ جي خوف ۾ ورتل ناھي.

مصر مان وطن ورڻ بجاءِ  وزيراعظم وري لنڊن ۾ رھندڙ پنھنجي وڏي ڀاءَ سان ملڻ ھليو ويو،ان سان ملاقات جي لاءِ  ملڪ محمد احمد پڻ  طلب ڪيو ويو. ملڪ صاحب ٿڌي لھجي وارو  سيبتو شخص آھي، نسبتن جوان بھ آهي. هن  وقت صوبائي سطح جو اڳواڻ آھي،پر ”سگھارن ماڻھن ” تائين رسائي جي شھرت رکي ٿو،ان جي لنڊن طلبي يقينن اھو پيغام ڏنو تھ پنجابي محاوري واري ”گوٽ“ ڪٿي ڦاٿل آھي. لنڊن ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ جيڪي ڳالھيون ٿيون انھن کان مڪمل طور بي خبر  آھيان،”اندرين جي خبر "رکڻ جي دعويدارن جيتوڻيڪ روايتي سوشل ميڊيا تي چسڪي ڀريل داستان رکي ڇڏيا آھن، بنيادي تاثر  انھن داستانن اھو پکيڙيو آھي تھ ”مشاورت“ تسلي بخش پڄاڻي تائين پهچڻ ۾ دير لڳائي رھي آھي.ان تاثر عمران خان صاحب کي جارحاڻي انداز ۾ ”مفرور ۽ مجرم“ کان ”حساس ترين“رياستي معاملن بابت ”مشاورت “ تي سوال اٿارڻ ۾ سولائي ڪئي آھي.عدالت تائين پھچڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

ان کانسواءِ تمام گھڻو باخبر  تصور ڪيل ڪجھھ  صحافين پنھنجي ليکي ”مقرري جي قابل“ فردن مان پنھنجي خواھش موجب ڪجھھ ماڻھون بھ چونڊي ورتا.انھن جا نالا جڏھن آڏو آيا تھ ڪھاڻي اھا بھ آئي تھ ”اتي“ جا ماڻھون تھ فلاڻن فلاڻن کي مقرر ڪرڻ جا خواھشمند آھن،

آخرڪار، پنجابي جي محاوري  "نه سان جي ڳالھھ نھ اوھان جي “ تي ئي عمل ڪرڻو پوندو. ڳالھھ اتي بھ  ختم نھ ٿي. تازي ترين ھلچل  هڪ  موقر انگريزي روزنامي ۾ شايع ٿيل "خبر” مچائي رکي آھي،وڏي اھتمام سان شايع ٿيل ان ”خبر“۾  دعوٰي ٿي آھي تھ حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ جلد ڪجھھ ترميم متعارف ڪرائڻ واري آھي،انهن ترميمن جو مقصد وزير اعظم کي اھو اختيار فراھم ڪرڻ آھي تھ اھو چاھي تھ رٽائرمنٽ کي ويجھو پھچندڙ ڪنھن بھ آفيسر ملازمت جي  مدت کي وڌائي سگھي  ٿو.

ذڪر ڪيل ” خبر “ جيڪا اڻ تڻ پيدا ڪئي آھي ان کي وڌائيندي اسان جي ”ذھن سازن“ ڪجھھ  اهم حقيقتن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي.پارليامان جي ٻنھي ايوانن مان منظوري کانپوءِ جيڪو  قانون  جڙي ٿو،صدر مملت جي  دستخط ٿيڻ بعد  "ايڪٽ”  سڏبو آھي.ان جي مسودي ۾ ڪنھن بھ لفظ ک بدلائڻ تھ پري جي ڳالھھ فل اسٽاپ  يا ڪاما جي غلطي درست ڪرڻ جي لاءِ بھ ٻنھي ايوانن کان منظوري گھربل ھوند ي آھي.

آرمي ايڪٽ ۾ جن ترميمن جو ذڪر ٿي رھيو آھي، انھن تي عمل جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس جدا جدا طلب ڪرڻا پوندا،قومي اسيمبلي مان قاعدن جي معطلي کانپوءِ جن ”تبديلن“ جو ذڪر  ٿي رھيو آھي موجودھ حڪومت ھنگامي حالتن ۾ سولائي سان منظور ڪرائي سگھي ٿي سنينيٽ ۾  وري بھ تحريڪ انصاف وڏي خاصي انگ ۾ موجود آھي،اھي فوري طور تي "تبديلين” کي منظور ٿيڻ کان روڪي سگهن ٿا. فرض ڪريون ته انهن جي مزاحمت اثرائتي ثابت نٿي ٿي سگھي،  حڪومت طاقت سان "تبديليون” منظور ڪرائي ٿي وڃي. ٻنهي ايوانن مان منظوري جي باوجود بھ پيش ڪيل تجويز ترميمن سان تيار ڪيل قانون آخري منظوري لاءِ صدر کي موڪلڻو پوندو.

 

عارف علوي ان ته صحيح ڪرڻ جي بجاءِ پاس ڪيل قانون کي پارليامينٽ کي ٻيھر غور ڪرڻ جي لاءِ موڪلي سگھي ٿو.اھڙي فيصلي ڪرڻ جي لاءِ قانون صدر مملڪت کي پندرھن ڏينھن جي مھلت فراھم ڪري ٿو، مقرري جي عمل کي بھرحال 29 نومبر تائين مڪمل ڪرڻ لازمي آھي.

مون کي اهو بلڪل به  سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ جن  "ترميمن” جي واويلا مچائي پئي وڃي حڪومت انھن کي ڪيئن ان تاريخ  کان اڳ صدر مملڪت جي صحيحن سان "ايڪٽ” ۾  ۾ بدلائي سگهي ٿي.قانون سازي جو عمل جي مامرن کان اڻ واقف  شخص ئي  آرمي ايڪٽ جي تجويز ڪيل ترميم واري ”خبر“ کي سنجيدگيءِ سان ايئن سمجھندو.

منھنجي بدقسمتي آھي جو 1985 کان مسلسل ان عمل جو مشاھدو ڪري رھيو آھيان. 2019  ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي کي اسان جي ھڪ انتھائي دبنگ تصور ڪئي ويندڙ منصف آصف سعيد کوسھ صاحب حيران ڪندڙ انداز ۾ منجھيل سٽ بڻائي ڇڏيو ھو، معاملي کي سلجھائڻ جي بجاءِ ھن آخرڪار  ان کي پارليامينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو،

پارليامينٽ ۾ تمام گهڻا شاطر ۽ تجربي واري سياستدان موجود ھئا، فوري سمجهي ويا ته انهن کي ڦاسائڻ جو ڄار وڇايو ويو آھي، شھبازشريف صاحب کوسھ صاحب ک گھربل قانون جي مسودي تيار ٿيڻ کان اڳي ئي ان جي "غير مشروط” حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو،ان جي فيصلي تي حيران پريشان ٿيندڙ پيپلزپارٽي ٿوري انتظار بعد خاموشي سان تيار ڪيل قانون جي مسودي مان ڪجھھ ”ترميمن “متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

آخرڪار آصف علي زرداري سان سڌي ريت رابطو ٿيو ۽ حڪومت سميت اپوزيشن ۾ شامل ٻن جماعتن يعني مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي 12 منٽن جي تاريخي تڪڙ ۾ پنھنجي سامھون رکيل مسودي تي عاشقانھ انداز سان آڱوٺا ھڻي ڇڏيا،گھربل قانون تي آڱو ٺن ھڻڻ کانپوءِ اھي وري افسوس جو اظھار ڪرڻ لڳا،”غلطي ٿي وئي“جي احساس سان ذڪر ڪيل قانون کي ”وقت اچڻ تي“  کي تبديل ڪرڻ جو عھد بھ ڪري ورتو،جن ترميمن جو ذڪر ٿي رھيو آھي غالبن ان عھد تي عمل درامد جي خواھش آھي،تجويز ڪيل ترميم جو 29 نومبر تائين ٿيندڙ فيصلن سان قطعي ڪو تعلق ناھي،ان ھوندي افواهن جو بھرحال ھڪ طوفان کڙو ٿي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.