مهانگي پيٽرول مان تنگ پاڪستانين لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي منڊي ۾ ڪچو تيل جي اگهن ۾ 5 سيڪڙو لاٿ آئي آهي جنهن سان پاڪستان ۾ تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

برينٽ خام تيل 5 سيڪڙو لاٿ کانپوءِ 86 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي، عالمي منڊي ۾ ڊبليو ٽي آءِ ڪچو تيل 77 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.

عالمي ميڊيا موجب عالمي سطح تي گيس جي اگهه ۾ به 4 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جنهن بعد اگهه 6 ڊالر 8 سينٽ في ايم ايم بي ٽي يو رڪارڊ ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.