هڪ ٻن ڏينهن ۾ نئين آرمي چيف جو نالو سامهون اچي ويندو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اهم مقرر تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، معاملو پيپر تي اچڻ ۽ رسمي اعلان باقي آهي، جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو تجربو آهي ته حساس نوعيت جي فيصلي کان پهرين اتفاق راءِ ٿيندو آهي، اهم مقرري تي اختيار وزيراعظم جو آهي، ان تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، مشاورت مان مراد ته ڪنهن جو اختيار ناهي هوندو، وزيراعظم ڪنهن کان به پڇي سگهي ٿو، هن چيو ته اها ڪنهن کي سرپرائز ڏيڻ واري ڳالهه ناهي، وزيراعظم مشاورت ڪري چڪو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ پيپر تي اچي ويندو، ان ۾ ڪو حرج ناهي، اسحاق ڊار جي مدد جتي گهربل هئي اها حاصل ڪئي وئي آهي، ڪا به اهڙي ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان ته فيصلي کان اڳ افواهه ٿئي، منهنجي راءِ ۾ ان کان وڌيڪ دير شايد مناسب نه هوندي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهو فيصلو سامهون اچي ويندو، فيصلي مان مراد آرمي چيف جي مقرري آهي، هن چيو ته عمران خان کي ڪنهن جي عزت جو خيال ناهي، نوازشريف جنهن کي آرمي چيف مقرر ڪيو ڪنهن سان اهڙي ڳالهه نه ڪئي جنهن سان عمران خان منسوب ڪري رهيو آهي، هن 2014ع کان هيل تائين مسلسل غلط بياني ڪئي، عمران کي خبر آهي ته وقت کان اڳ اليڪشن نٿي ٿي سگهي، لانگ مارچ ميڊيا ۾ ئي آهي، ٻئي ڪٿي نظر نه پيو اچي، هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهيون به ڪريون ته عمران انهن جي ڳالهه نٿو مڃي، پرويز خٽڪ، شاهه محمود، فواد چوڌري سان اسان جون ڳالهيون پهرين به ٿينديون رهيون آهن، شاهه محمود هڪ ڀيري چيو هو ته هي پاڳل اسان جي ڳالهه نٿو ٻڌي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.