بوزدار وڏا لڳ پاڻي نه نڪتو، بيماريون پکڙجي ويون، رهواسين جو احتجاج

بوزداروڏا (ن ع آ)  بوزداروڏا لڳ يوسي صبڙ رند جي ڳوٺ بکو خان دزڪاڻي جي رهواسين گذريل ٽن مهينن کان به  وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ  سبب مرد، عورتون، معصوم ٻارڙا مختلف  بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا، ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن ۽ نااهل انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو آهي،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ غلام اڪبر دزڪاڻي، غلام عباس دزڪاڻي، غلام سرور دزڪاڻي، لکمير دزڪاڻي، غلام مصطفي دزڪاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ مان ٽن مهينن کان به وڌيڪ  وقت گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جڏهن ته تعليمي ادارن ۽ اسپتال مان به پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، بيمار مريضن کي برساتي پاڻي مان گذر ڪري بوزداروڏا سميت مختلف شهرن جي اسپتالن سخت ڏکائين سان پهچائڻو پئي ٿو، برسات جي گندي پاڻي سبب مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، هنن وڌيڪ ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ته جئين  ڳوٺ کان ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ آساني ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.