مڪلي ۾ ٻن معصوم ڀينرن سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، احتجاج

مڪلي( ن ع آ) مڪلي ۾ روينيو ڪالوني ڀرسان شيخ عالي روڊ تي وحشي جوابدار پاران ٻن معصوم ڀينرن 10 سالا نياڻي سويره ۽ 9 سالا  زويا سان زيادتي جي ڪوشش، نياڻين جي رڙين تي پاڙي وارن پهچي نياڻين کي بچائي ورتو، وارثن جو احتجاج، انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ معصوم نياڻين جي وارثن احتجاج ڪندي الزام ھنيو تہ سندن نياڻيون اسڪول مان واپس گھر اچي رھيون ھيون ته رستي ۾ تنيا خاندان جو ھڪ بنگلو آھي، جتي ھڪ وحشي نما شخص افضل پاران نياڻين کي زبردستي گھر اندر وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي  ته نياڻين رڙيون ڪري ڏنيون، جنھن تي پاڙي وارا گھرن مان نڪري آيا ۽ جوابدار نياڻين کي ڇڏي بنگلي اندر لڪي ويهي رهيو. متاثره نياڻين جي وارثن ايس ايس پي ٺٽو کان فوري وحشي جوابدار خلاف نوٽيس وٺي کين انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.