سنڌ ۾ ٿيندڙ روز روز جا روڊ حادثا ۽ حڪومت جو ڪردار

تحرير: محمد خالد ميمڻ

مڃون ٿا ته روڊ حادثو ڊرائيور جي چند سيڪنڊن جي اوچتي غلطي سبب ٿيندو آهي ۽ نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي وينديون آهن ۽ وڏا وڏا جاني نقصان ٿيندا آهن پر ان اهي حادثا ڪڏهن ڪڏهن سالن پڄاڻان ٿين ته پوءِ  مڃون ته اهي غلطيون گاڏين جي ڊرائيورن طرفان ٿيل هجڻ ڪري حادثا پيش آيا پر هي جو روز روز هڪٻئي جي پٺيان روڊ حادثا ٿين ٿا ته ان جا سبب رڳو ڊرائيورن جون غلطيون ناهن ان ۾ اسان جي حڪومت جي طرفان به ٿيل بدانتظاميون نظر اچن پيون. هرهفتي ڪونه ڪو روڊ حادثو ٿيڻ ڄڻ ته معمول بڻيل آهي

گذريل ڏينهن خيرپور ميرس جي ڦلپوٽا برادري جي ماڻھون جيڪي قلندر لال شهباز جي درگاه تي سکا کڻي وڃي رهيا هيا ته ساڻن سيوهڻ ڀرسان ٿيل انتهائي دل ڏکائيندڙ واقعو ٿيو ۽  معصوم انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جا ذميوار هي سنڌ جا حڪمران آهن. جن ڪٽ ڏئي سڄي سنڌ کي ته  ٻوڙيو  پر ان کانپوءِ  اڃان تائين ڪٽ بند نه ڪيا آهن جنهن سبب روز معصوم زندگيون حادثن جو شڪار ٿي رھيون  آهن. اھو ڪو پھريون واقعو ناهي ان کان اڳ پير دلبر سائين جي فيملي سان به  سيوهڻ روڊ تي حادثو پيش آيو هو ۽ معصوم جانين جو ضياع ٿيو هو ان کان پهريان به ڪافي روڊ حادثا پيش آيا آهن جيڪڏهن حڪمران ڪٽ ڏئي خيرپور ناٿن شاهه کي نه ٻوڙين ھا عوام کي ٻين شھرن ڏانهن دربدر نه ڪن ھا ته شايد اھي نوري آباد وٽ 18 ماڻهو به بس حادثي ۾ سڙي فوت نه ٿين ھا ـ

ھر حادثي کانپوءِ  سنڌ حڪومت، متاثرن لاءِ  چند پئسن جو اعلان ڪري آجي ٿي ويندي آهي ۽ جلد وري اھڙو ڪو ٻيو افسوسناڪ حادثو جنم وٺندو آهي ۽ اسان سنڌ واسي به هر نئين حادثي کان پوءِ  پويان ٿيل سڀ حادثا ۽ انهن حادثن ۾ سنڌ حڪومت جي ٿيل بدانتظامين کي بلڪل وساري ڇڏيندا آهيون ۽ روز روز پنهنجي معصوم ڪونڌر نوجوانن، مائرن، ڀينرن ۽ معصوم ٻچڙن جا لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهيون پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونء به نه ٿي چري ۽ انهن روز روز جي حادثن تي ڪنٽرول لاءِ  سنڌ سرڪار طرفان ڪي به جوڳا اپاء ناهن ورتا ويا بس هر حادثي کان پوءِ  وزيراعلي مراد علي شاهه، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين طرفان ان جو نوٽيس وٺڻ ڏک جو اظهار ڪرڻ ۽ مري ويلن لاءِ  چند پئسن جو اعلان ڪرڻ ڄڻ ته هڪ روٽين عمل بڻجي ويو آهي

سنڌ سرڪار ۽ بس مالڪ پنهنجو اهو ئي عمل ڪري هر ڳالھه  کان آجا ٿي ويندا پر مجال آهي جو ان روڊ حادثن جي سببن تي نظر وجهي انهن سببن کي ختم ڪرڻ لاءِ  ڪي اپاءَ وٺجن ته جيئن انهن هر روز ٿيندڙ روڊ حادثن کي روڪي سگهجي ۽ معصوم انساني جانين جو ضياع روڪي سگهجي سنڌ سرڪار رڳو هر هنڌ ٽول پلازه لڳائي عوام جي کيسن کي ڪتري پيسا ٺاهي پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ مصروف آهي پر جنهن مقصد لاءِ  اهو ٽول ٽئڪس ورتو ٿو وڃي ته ڊٺل روڊ ٺهرائجن اوڏانهن حڪومت ڪوبه ڪم نه پئي ڪري جنهن سبب روز روز حادثا ٿين پيا ان لاءِ  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ سنڌ کي ان جو سوئوموٽو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪجي ٿو ته جيئن روڊن کي محفوظ بنائڻ جا قدم کڻي روز روز جي روڊ حادثن کي روڪي معصوم انساني جانين کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.