اجي ديوگن ۽ تبو جي نئين فلم ريليز ٿيڻ شرط هٽ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اجي ديوگن ۽ اڪشي کنا جي فلم دريشم 2 ريليز ٿيڻ سان ئي ڌم مچائي ڇڏي.

دریشم 2 کو ابھیشک پاٹھک کی ہدایتکاری میں فلمایا گیا ہے(فائل فوٹو)

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب فلم جي ايڊوانس بڪنگ دوران ئي ريليز جي ڏينهن ٽيٽيهه هزار ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون، فلم تي تنقيد ڪندڙن به فائيو اسٽار ريٽنگ ڏني ۽ ريليز بعد مداحن پاران به خوب پسند ڪيو ويو جڏهن ته تبو ۽ اجي جي نالي سان ٽوئيٽر تي به ٽاپ ٽرينڊ هليو.

دريشم ۾ اجي ديوگن، تبو، شريا سارن مرڪزي ڪردار ادا ڪيا جنهن ۾ اجي کي ڄٽ ڏيکاريو ويو آهي ۽ پوليس آفيسر يعني تبو جو پٽ، وجي سالگائونڪرا اجي ديوگن جي ڌيءُ سان ريپ ڪندو آهي جنهن جي پلاند ۾ هو سندس پٽ کي قتل ڪري لاش ٺڪاڻي لڳائيندو آهي.

پوليس جاچ لاءِ اجي ۽ سندس خاندان کي ٿاڻي وٺي ايندي آهي پر هر قسم جي تشدد کانپوءِ به سندن بيان ساڳو رهندو آهي ۽ آخر ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته اجي کي آزاد ڪيو ويو آهي.

ستن سالن کانپوءِ فلم جي ٻئي حصي ۾ به پوليس وجي سالگائونگر جي فيملي کي نه ڇڏيندي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس کولي جاچ جي شروعات ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ جاچ پوليس آفيسر جو ڪردار اڪشي کنا ادا ڪندو آهي جيڪو عزم ڪندو آهي ته جوابدار کي هن ڀيري سزا ملندي.

واضح رهي ته فلم جو ڊائريڪٽر اڀيشڪ پاٺڪ آهي، فلم ارڙنهن نومبر تي ڀارت سميت ٻين ملڪن جي سينيمائن تي ڏيکاري وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.