ڪراچي: آءِ آءِ چندريگر روڊ تي بئنڪ ۾ بم جو ڪوڙو اطلاع، ٿرٿلو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي خانگي بينڪ ۾ شڪي بيگ جي اطلاع تي ڏڦيڙ مچي وئي.پوليس موجب آءِ آءِ چندريگر روڊ جي خانگي بينڪ ۾ شڪي بيگ جو  اطلاع ڪيو ويو آهي، جنهن بعد بم ڊسپوزل اسڪواڊ خانگي بينڪ پهچي ويو.ٻئي پاسي بينڪ مان سمورن ملازمن کي ٻاهر ڪڍيو ويو.هيءَ قوم اٿي ته ڪير مقابلو نه ڪري سگهندو، عوام عمران خان سان گڏ آ: عمران خان

  • دڙو: مقتوله پيپلان سوڍو مٽيءَ ماءُ حوالي، 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

دڙو(رپورٽ: منٺار ٺاراڻي)دڙي ويجهو قتل ٿيل ناري جو ڪيس 32 ڪلاڪن کان پوءِ سجاول ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف داخل، مقتولا جو مڙھ مٽي ماءُ حوالي تفصيل  موجب :دڙي ويجهو ڳوٺ عبدالله سوڍو ۾ سوڍا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جوابدار سجاد سوڍو گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي هاري تحريڪ جي اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ علي محمد سوڍو جي ڏوهٽي پپيلان زال ستار سوڍو کي قتل ڪري ڇڏيو هو مقتولا ناري جو قتل ڪيس سندس مامي جمال سوڍو جي فرياد تي 32 ڪلاڪن کان پوءِ سجاول ٿاڻي تي 6 جوابدارن سجاد سوڍو، مقبول، حاجي خيرو، ديدار، علي شير ۽ حاجي سڪڻو سوڍو خلاف داخل ڪيو ويو آهي جڏهن تہ ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار سجاد سوڍو کي گهر ڀاتين موقعي تي ئي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو جيڪو پوليس جي حراست هيٺ آهي،هوڏانهن مقتولا ناري پپيلان سوڍو جو مڙھ ڳوٺ عبدالله سوڍو مان کڻڻ بعد درگاھ شاھ نصر بادشاھ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازو کڄڻ مهل گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو جنازي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،جڏهن ته داخل ڪيس ۾ فريادي جمال سوڍو پاران موقف اختيار ڪيو ويو آهي جوابدارن گهر ۽ زمين مان لڏائڻ لاءِ گهر تي هلان ڪئي جتي جوابدار سجاد سوڍو پسٽل جا فائر ڪري منهنجي ڀاڻيجي پپيلان سوڍو کي قتل ڪري ڇڏيو

  • حيدرآباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

حيدرآباد(رپورٽر ) حيدرآباد جي ڊاڪٽر ڪالوني واري علائقي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب مبينا طور نوجوان فوت ٿي ويو. علائقي واسين فوتي کي بيهوش سمجهي  علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پر ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد وارث لاش بنا پوليس ڪارروائي جي پنهنجي گهر کڻائي ويا. علائقي واسين سول اسپتال جي انتظاميا کي آگاهي ڏني ته نوجوان اظهار علي بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ڪنيڪشن پئي لڳايو جنهن دوران کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو زمين تي ڪري فوت ٿيو آهي. علائقي ۾ افواهه آهن ته نوجوان پرائيويٽ اليڪٽريشن آهي پر بلديا ٿاڻي جي پوليس ۽ حيسڪو پاران نوجوان کي فوت ٿيڻ واري واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو ويو.17

  • منشيات هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ جوابدارن جي اپيل رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ۾منشيات فروشن جي سزا خلاف اپيل رد ڪندي جوابدار نيڪ رحمان جي سزا برقرار  رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته جوابدار نيڪ رحمان ۽ سندس ساٿي سنگين ڏوهه ڪيو آهي، ڪنهن رعايت جي لائق ناهي. 2017ع ۾ خيابان شجاعت ويجهو جوابدارن نيڪ رحمان ۽ عارف وٽان 14 ڪلو چرس هٿ ڪئي وئي هئي . ٽرائل ڪورٽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نيڪ رحمان کي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ھئي. 03

  • جواب داخل ڪرائڻ ۾ دير تي سيڪشن آفيسر سميت چار آفيسر معطل

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صحت کاتي پاران جواب داخل ڪرائڻ ۾ دير واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف سيڪريٽري   سيڪشن آفيسر مظفر سميت چئن آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو.عدالت سيڪريٽري صحت کي صورتحال جي وضاحت لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پاران مارچ کان جاري ڪيل نوٽيس ۾ وقت تي آگاهه نه ڪيو ويو، ڪيترائي ڀيرا خاص خط لکيا ويا.چيف سيڪريٽري عدالت کي کاتي جي ڪارروائي کان آگاهه ڪيو، عدالت ان قدم کي ساراهيو، بروقت جواب ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.