جتي وڻي ڌرڻو نه ٿا هڻي سگهو،عوام جا به حق آهن: اسلام آباد آهاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ)چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اهو ڪنهن جو به حق ناهي ته اهو چئي ته موٽروي تي ڌرڻو ڏيندو ۽ اتي وڃي  بيهي رهي، جڏهن ته جيڪو جلسا ڪرڻ چاهي ان جو حق آهي پر عام شهرين جا حق به متاثر نه ٿيڻ گهرجن. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ ڌرڻي جي ڪري رستن جي امڪاني بند ٿيڻ خلاف مقامي واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت واپارين جي درخواست کي پي ٽي آءِ ڌرڻي ۽ جلسي جي اين او سي حاصل ڪرڻ واري درخواست سان گڏائي ڇڏيو. ٻڌڻي جي سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽري جهانگير جدون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت ۾ پيش ٿيا. واپارين جي وڪيل چيو ته ڪنٽينرن کي رستن ۾ رکيو ويو آهي، جنهن سان ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موقف اختيار ڪيو ته ڌرڻي ۽ جلسي جي اين او سي لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست به ٻڌڻي هيٺ آهي، هن درخواست کي به ان سان گڏ ٻڌو وڃي.درخواست ڪندڙن جي وڪيل چيو ته هائي ويز ۽ موٽرويز تي ٽريفڪ هلائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز ۽ موٽرويز کي بند ڪري ڇڏيندئو ته واپار به متاثر ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.