منهڙو ڀرسان قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو ڪيس داخل ، 2 جوابدار گرفتار

منھڙو  (ن ع آ) منھڙو ڀرسان پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ادريس ڏاھري واسي 50 سالن جي الله رکيو عرف بلاول ڏاھري کي 3 ڏينھن اڳ قتل  ڪري لاش منھڙو شاخ ۾ اڇلايو  ويو ھو، جنھن جي قتل جو ڪيس سندس ننڍي ڀاءُ محمد اسلم ڏاھري جي فرياد تي حد جي ٿاڻي پٻجو تي ٽن جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي جنھن ۾ مک جوابدار جاويد لغاري، عرفان ، لغاري ۽ ھڪ نامعلوم مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پٻجو پوليس مک جوابدار جاويد لغاري ۽ عرفان کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي ،وڌيڪ جانچ جاري آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.