مقرري آئين موجب ۽ چونڊون وقت ٿينديون: وفاقي حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آئين موجب مقرري ۽ وقت تي چونڊن بابت فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي لانگ مارچ يا ڪنهن قسم جي دٻاءُ وڌائڻ واري اسٽريٽيجي کي به رد ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جلد وفاقي حڪومت اتحادين ۽ پي ڊي ايم کي اعتماد ۾ وٺندو. اهم تقرين مقرري تي وزيرااعظم پنهنجي فيصلي کان اڳ اهم اتحادين سان مشاورت ڪندو.

ذريعن موجب توشا خانا اسڪينڊل ۾ نون انڪشافن تي مشاورت به ٿيندي، عالمي سطح تي پاڪستان جي بدنامي، توشا خانا سان واڳيل ٻين محرڪن جو به جائزو ورتو ويندو جڏهن ته ڪابينا جي قانون ساز ڪاميٽي ۾ ناڻي واري وزير ۽ مواصلات واري وزير جي شموليت به اهم نڪتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي قانون سازي ڪاميٽي توشا خانا سميت ٻين ڳنڀير نوعيت جي اسڪينڊلز بابت قانون سازي تي مشاورت ڪندي.

ڪابينا ڪاميٽي ۾ مولانا اسعد محمود رڳو وفاقي وزير جي حيثيت نه پر پي ڊي ايم جي نمائندگي جي حيثيت سان شريڪ ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جي اجلاس کي به وڌيڪ هلايو ويندو.

وزيراعظم اهم ترين مقرري آئين موجب ڪندو جڏهن ته اهم اتحادين کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو.

عمران خان جو لانگ مارچ کڻي راولپنڊي ۾ وڃي ان جو دٻاءُ اڳ جيان رد ڪيو ويندو.

ذريعن موجب اهو به فيصلو ڪيو ويو ته چونڊون وقت تي ٿينديون جڏهن ته نگران حڪومت بابت مشاورت جلد شروع ڪئي ويندي. وفاقي حڪومت جو اهم مقرري کانپوءِ معاشي مضبوطي، مهانگائي جي خاتمي جو پلان ۽ نگران سيٽ اپ ٽارگيٽ هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.