آمريڪا، برطانيا، دبئي…گهڙي کپائڻ جي فَشري تي عمران خان ڪاوڙيل!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته واچ جي معاملي تي مان آمريڪا، برطانيا ۽ دبئي ۾ ڪيس ڪري رهيو آهيان، ڪجهه ڪروڙ رپين جي ڳالهه ڦهلائي يارنهن سئو ارب رپين جا ڪيس معاف ڪرائي رهيا آهن.

پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اهڙا قانون ٺاهيا اٿن جو پاڻ کي بچائي ويا. حسن شريف جي ڏهه ارب رپين واري پراپرٽي هاڻي ڪير به نه ڪڇندو، اهي ڦوڪڻا ٿا ڇڏين ته توشا خانه ۾ هيئن ٿي ويو.

عمران خان چيو ته مان چيو هو ته اهي معيشت نٿا سنڀالي سگهن، قرض نه ڏئي سگهندا، هنن ڪڏهن به ملڪ سڌاريو نه پر رڳو تباهه ڪندا رهيا، مان چيو هو قومي سلامتي داءَ تي لڳل آهي، مونکي خوف اهو آهي ته ملڪ مان ڀڄي ويندا، انهن جي ڪوشش آهي ته ڪيل چورين کي بچائي وٺن.

هن چيو ته هنن جي مفادن ۽ پاڪستان جي مفادن ۾ وڏو فرق آهي، انهن ڪڏهن ملڪ لاءِ فيصلا نه ڪيا، سڀ فيصلا انهن جي ذاتي فائدن لاءِ آهن، جهڙيون حالتون آهن هي وري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا. ملڪ بچائڻ جو رڳو هڪ ئي دڳ آهي ته صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هنن جي ڪوشش آهي ته مونکي رستي تان هٽائن، مونکي حملو ڪرائيندڙ ٽنهي ڄڻن جا نالا ٻڌائي چڪو آهيان، جاچ رڳو چيف جسٽس جي ماتحت ئي ڪري سگهجي ٿي، ثابت ٿي ويندو ته انهن ٽنهي منهنجي خلاف منصوبابندي ڪئي، هنن کي جيڪو وڻي ڪن کين خبر آهي ته ڪجهه نٿا ڪري سگهن.

سندس چوڻ هو ته قوم مارچ جي ذريعي ٻڌائڻ چاهي ٿي ته اسان انهن سان گڏ ناهيون، ڇنڇر واري ڏينهن اعلان ڪندس ته ڪهڙي ڏينهن پنڊي پهچڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.