شاگردن جو عالمي ڏينهن

ڪنهن به واقعي، ڏينهن، شعبي، موضوع يا رشتي جي نسبت ۾ ملهايل عالمي ڏينهن جو يقيني طور تي تمام وڏو مقصد هوندو آهي. انهن ڏينهن کي ملهائڻ جو اصل سبب ان مقصد جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ هوندو آهي. ماضي جي روشني ۾ ان تي هيل تائين جيڪو ڪم ٿيو  آهي، تنهن جو جائزو وٺڻ جو موقعو ملندو آهي. اهو ساليانو جائزو هڪ قسم جو سڀني لاءِ احتساب به هوندو آهي.مثال طور اڄ 17 نومبر کي شاگردن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. ان ڏينهن جي پسمنظر بابت وڪي پيڊيا جو هڪ پئراگراف رکجي ٿو:

”17 نومبر شاگردن جو عالمي ڏينهن (International Students’ Day) آهي. هن تاريخ تي شاگردن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پراگ جي شاگردن جي جاکوڙ کي ڀيٽا ڏيڻ آهي. 1939ع ۾ جرمني پاران چيڪوسلواڪيا تي قبضي خلاف، پراگ يونيورسٽي جي شاگردن پراگ جي يونيورسٽي ۽ پراگ جي گهٽين ۾ مظاهرا ڪيا. جرمني جي فوجين، شاگردن کي گهيرو ڪري 9 شاگردن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. 1200 سئو شاگردن کي نازي ڪئمپن ۾ رکيو ويو.چارلس يونيورسٽي   جي ميڊيڪل فيڪلٽي ۾ 18 آڪٽوبر تي، چيڪوسلواڪيا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو پئي ويو. جنهن ۾ جين اوپليٽل گولي لڳي، جنهن جي ڪري اهو زخمي ٿي پيو ۽ نيٺ ڦٽن جا سور نه سهندي اوپليٽل 17 نومبر تي لاڏاڻو ڪري ويو.

شاگردن جي هن جاکوڙ کي، شاگردن جي وڏي ۽ اڻٿڪ جاکوڙ سان ڀيٽيو ويندو آهي. شاگردن جي هن جاکوڙ کي پهريون ڀيرو 1941ع ۾ لنڊن ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو. تنهن کان پوءِ 17 نومبر کي انٽرنيشنل يونين آف اسٽوڊنٽس پاران شاگردن جي ياد ۾ هر سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. شاگردن جي هن ڏينهن تي دنيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پراگ جي شاگردن جي جاکوڙ کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي. “

سو اصولي طور تي ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد پراگ جي شاگردن جي ڪيل جاکوڙ کي ڀيٽا ڏيئڻ آهي ۽ ان ڀيٽا ڏيئڻ جو اهو به مقصد آهي ته جيئن انهن واقعن جي روشني ۾ اڳتي اهڙن عملن کي روڪي سگهجي ۽ اهـڙي نوبت نه اچي ته شاگردن کي ڪنهن به مسئلي تي احتجاج يا مظاهري سبب گولين جو بک بڻائي ڇڏجي يا کين گولين سان پروڻ ڪري سگهجي پر افسوس ته اڄ به 1939ع جهڙا واقعا ٿين ٿا. اڄ به شاگردن جي احتجاجن ۽ مظاهرن تي گوليون هلايون وڃن ٿيون، مٿن ايف آءِ آر ڪاٽيون وڃن ٿيون، گرفتاريون ٿين ٿيون ۽ شاگردن ڪيسن کي منهن ڏين ٿا. اها صورتحال دنيا جي هر ملڪ  ۾ آهي. پاڪستان ۾ به  شاگرد تنظيمون شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وس آهر جدوجهد ڪنديون رهن ٿيون. شاگردن جي خالص مسئلن کي ختم ڪرائڻ لاءِ جڏهن به شاگردن جي خالص مسئلن کي ختم ڪرائڻ لاءِ جڏهن به شاگرد آواز اٿاريندا آهن ته مقامي انتظاميا سندن آواز کي ماٺو ڪرڻ لاءِ حڪومتي ۽ انتظامي طاقت استعمال ڪندي آهي. مٿن ڪيس جوڙي کين شاگردن جي جدوجهد کان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ اڪثر فوج ۽ پوليس جي طاقت کي شاگردن خلاف استعمال ڪندي آهي.

اڄوڪو ڏينهن ان رويي جي نندا ڪري ٿو ۽ اهو ڏينهن  شاگردن جي بنيادي حقن جو تحفظ گهري ٿو. ان حوالي ۾ شاگردن جي عالمي ڏينهن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. گڏوگڏ شاگردن ۾ اهو اتساهه به پيدا ٿئي ٿو ته جبر، زيادتي ۽ استحصال جي خلاف جدوجهد ڪرڻ ڪو ڏوهه نه پر انهن جو حق آهي ۽ ناحق ڪندڙن خلاف تاريخ هر دور ۾ ان جي مذمت ڪري ٿي.

اها حقيقت آهي ته هر دور ۾ بادشاهه ۽ حڪمران طاقتور رهيا آهن ۽ انهن ور دور ۾ حق گهرندڙ ۽ زيادتين، ناانصافين ۽ ظلمن جو حساب گهرڻ ۽ پڇاڻو ڪندڙن تي رياستي ۽ حڪومتي طاقت استعمال ڪئي آهي پر تاريخ ۾ اهي ڌريون ئي هيرو رهيون آهن جن وقت جي بادشاهن ۽ حڪمرانن جي ظالماڻين پاليسين خلاف جدوجهد ڪئي ۽ مزاحمت ڪئي. تاريخ ۾ انهن جو ئي نالو زنده رهندو آهي جيئن پراگ جي شاگردن جي قتلام کي ياد ڪري کين ڀيٽا پيش ڪجي ٿي ۽ فوجي ڪارروائي جي شديد مذمت ڪجي ٿي.

پر افسوس ته ماضي جي انهن واقعن مان مثبت سبق نٿو ورتو وڃي. اڄ به وقت جا حڪمران طاقتور ۽ شاگرد ڪمزور آهن. اڄ به کين پنهنجا حق وٺڻ، پنهنجن مسئلن کي نروار ڪرڻ جي اخلاقي اجازت ناهي. جيڪڏهن شاگرد پنهنجن مسئلن لاءِ گڏ ٿين ٿا، ڪو آواز اٿارين ٿا، احتجاج ڪن ٿا، ڪو مظاهرو ڪن ٿا ته سندن خلاف اونئن ئي طاقت استعمال ٿئي ٿي جيئن هر دور ۾ ٿيندي آئي آهي. اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته وقت جون طاقتون اصل عوامي يا شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران انهن کي رستي تان هٽائڻ کي  وڌيڪ بهتر عمل سمجهنديون رهيون آهن باوجود ان جي ته ان سان اهي هر  دور ۾ بدنام ٿينديون رهيون آهن ۽ تاريخ ۾ کين ملامت ۽ خواري ئي پلئه پوندي رهي آهي  پر پوءِ به وقت جا حڪمران سڌرڻ لاءِ تيار ناهن. تاريخ جي ظالماڻي احتساب تي توبهه تائب نٿا ڪن ته ۽ پنهنجي گندي تاريخ کي ئي ورجائيندا اچن ٿا.

انقلابي رياست کي رد ڪندڙ يا انهن کي ڪمزور ڪندڙ ڌريون اهو مهڻو به ڏينديون آهن ته انقلابي جدوجهد مان ڇا وريو آ، هر دور ۾ طاقتور ڌرين جو ئي ڌاڪو رهيو آهي، ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟ ان جو هڪ جواب اهو آهي ته جيڪڏهن انقلابي سياستدانن اوهان جي خيال ۾ دنيا تبديلي ڪري ناهي ڏيکاري ته گهٽ ۾ گهٽ اهي به دنيا جهڙا ناهن ٿيا. اهي به ثابت قدم رهيا آهن، پنهنجي جان جو ته نذرانو ڏيندا رهيا آهن پر وقت جي حڪمرانن اڏو ڪنڌ ناهي نوايو. پر اسان جو خيال اهو آهي ته سچ ۽ حق هر دور ۾ سرخرو ٿيو آ. اڪثريت جو ان تي ايمان رهيوآهي ۽ انقلابي جدوجهد جو ئي اهو ثمر آهي جو بادشاهي نظام دنيا مان ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪو آهي ۽ ملڪن کي آئين ۽ قانون تحت هلائڻ جو بندوبست ٿي چڪو آهي، پارلياماني جمهوري نظام رائج ٿي چڪو آهي. ڪافي ملڪن ۾ انقلاب آيل به آهي ۽ انقلابي حڪومتون قائم آهن.

شاگرد تنظيمون جيئن ته سياستدان پيدا ڪندڙ نرسريون رهيون آهن تنهن ڪري انهن کي چٿيو ويندو آهي. اها حڪمرانن جي اصل ۾ ناسمجهي آ. جيئن ملڪن کي انجنيئرن ڊاڪٽرن، بينڪ ڪارن، سائنسدانن، زرعي ماهرن، تعليمدان، معاشي ماهرن جي ضرورت هوندي آهي تيئن سٺن سياستدانن ۽ حڪومتن جي  ضرورت هوندي آهي. ان ڪري رياستن کي گهرجي ته اهي ملڪ اندر سٺا حڪمران ۽ سٺاسياستدان پيدا ڪرڻ لاءِ شاگرد تنظيمن جي همت افزائي ڪن ۽ شاگردن کي مستقبل جو معمار سمجهندي سندن اوليت جي بنياد تي عزت ڪن ۽ سندن مسئلن کي حل ڪن بجاءِ  ان جي ته طاقت سان سندن مسئلن کي دٻايو وڃي. ياد رکو ته جيڪڏهن ملڪن کي سٺا حڪمران نه ملندا.  سٺا نظرياتي سياستدان نه ملندا ته خراب حڪمران ۽ حڪومتن سبب ملڪ ئي ختم ٿيويندا آهن. سندن نااهلي سبب ملڪ هر قسم جي ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ جيڪي رياستون ۽ قومون نوجوانن ۽ شاگردن کي اهميت نه ڏينديون آهن سي تاريخ ۾ پاڻمرادو ئي دفن ٿي وينديون آهن. سو اچو ته تاريخ مان هاڪاري سبق پرايون، سٺيون روايتون قائم رکون ۽ خراب روايتن کي ٿڏي ڇڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.