فوج عمران مان بيزار، ن ليگ هارائي چڪي، پ پ سنڌ به وڃائيندي: تجزئي نگار

اسلام آباد( م ڊ) ملڪ ۾ سياسي جماعتن جو وقت پورو ٿيڻ تي آهي ۽ مستقبل ۾ به فوجي اثر واري هائبرڊ نظام جي حڪومت جاري رهندي.اهڙي دعويٰ پاڪستان جي سياست ۽ اسٽيبلشمينٽ تي گهري نظر رکندڙ معاشي معاملن جي ماهر ليکڪ يوسف نظر ڪئي آهي.هن تازي صورتحال تي پنهنجي تبصري ۾ چيو آهي ته پاڪستان رياست ۾ امڪاني طور تي مستقبل ۾ به موجوده فوجي اثر واري هائبرڊ نظام جي حڪومت جاري رهندي، فوج جو عمران خان تي جوا کيڏڻ جو وڌيڪ امڪان ناهي، ن ليگ ميدان هارائي چڪي آهي، شريف ڀائر پوڙها ٿي رهيا آهن ۽ مريم نواز پارٽي کي متحد نه رکي سگهندي.سندس موجب بلاول جي قيادت ۾ پ پ سنڌ ۾ پنهنجو سياسي گرائونڊ وڃائي ڇڏيندي ۽ پنجاب ۾ ذڪر جوڳي قوت نه بڻجي سگهندي، سياسي قوتن جي ڪمزور ٿيڻ سان ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر کين معيشت جي ناقص سمجهه آهي ۽ اهي ان کي بهتر ڪرڻ جي به ڪا جستجو نٿا رکن.تبصري ۾ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪي بامقصد سڌارا متعارف ڪرائڻ بنا معيشت کي سنڀالڻ لاءِ ٻاهرين مدد حاصل ڪندو رهندو، اسحاق ڊار ۽ بيورو ڪريسي ۾ نه خواهش آهي ۽ نه ئي صلاحيت ته مسئلا وڌندا رهندا، آبادي، توانائي جي مسئلن، قدرتي آفتن ۽ سياسي عدم استحڪام سبب پاڪستان وڌيڪ پوئتي وڃڻ جو خدشو وڌندو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.