ڌرڻو ڪيس، ايجنسين جي رپورٽ غلط، اڻ ڄاڻائي ۾ کنيل قدمن تي افسوس آهي:عمران خان

اسلام آباد (م ڊ)  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 25 هين مئي واري ڌرڻي جي حوالي سان توهين عدالت ڪيس ۾ سيڪيورٽي ايجنسين جي رپورٽ کي غلط قرار ڏيندي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا طرفان 23 صفحن تي ٻڌل جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو . عمران خان پاران جواب ۾ چيو ويو تھ ڄاڻي واڻي سپريم ڪورٽ جي حڪمن ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، خاطري ڪرايان ٿو ته مون کي 25 هين مئي واري شام جو عدالتي حڪمن کان آگاهه نه ڪيو ويو هو. هن پنهنجي جواب ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ بابر اعواڻ جي مون سان ملاقات ڪرائڻ جو به چيو، عدالتي حڪمن باوجود بابر اعواڻ جي مون سان ملاقات ۾ ڪائي سهولت نه ڏني وئي. پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ چيو ته 25 هين مئي تي ڪارڪنن کي ڏنل وڊيو پيغام سياسي ڪارڪنن جي معلومات تي جاري ڪيو، احتجاج دوران جيمرز سبب فون تي رابطو ناممڪن هو، اڻڄاڻائي ۾ کنيل قدمن تي افسوس آهي.  عمران خان جواب ۾ سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽس کي غلط قرار ڏيندي چيو ته 25 هين مئي تي ڊي چوڪ وڃڻ جو سڏ حڪومتي رويي خلاف پرامن احتجاج لاءِ هو، منهنجي يا تحريڪ انصاف طرفان ڪنهن وڪيل کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ شامل ٿيڻ جو نه چيو ويو، مون کي هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته اسد عمر جي نائين گرائونڊ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون هيون، سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽن  مان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته مون عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.