نيوسعيد آباد ۾ پوليس ڪارروائي، ڌاڙيل سميت 7 منشيات فروش گرفتار

نيوسعيدآباد (رپورٽ مشتاق راهو) نيوسعيدآباد پوليس جو ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف آپريشن جاري، آپريشن دوران پوليس مختلف  هنڌن تي ڇاپا هنيا جنهن دوران پوليس اڳوڻي خطرناڪ ڌاڙيل روزي رند جي مائٽ ۽سنڌ جي مختلف علائقن مان سنگين قسم جي ڏوهن ۾گهربل ڏوهاري ڪنڊو رندولد جمال رند کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته پوليس شراب جي ڪچين بٺين سميت ٻين هنڌن تي ڇاپا هڻي ڇهن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن ان ڏس ۾ايس ايس پي مٽياري ڪليم ملڪ پاران ضلعي مان منشيات توڙي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس پاران جاري ڪيل آپريشن دوران نيوسعيدآباد پوليس جي ڊي ايس پي عطامحمد ڏاھري، ايس ايڇ او امام الدين ڏاهاڻي جي سربراهي ۾آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران پوليس کڏوارا حاجاڻا ڀرسان لنڪ روڊ وٽ هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي سنڌ جي اڳوڻي خطرناڪ ڌاڙيل روزي رند جي مبينا ساٿي، مائٽ ۽ڦرلٽ، قتل، چورين سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾گهربل ڏوهاري ڪنڊو رندولد جمال رند ويٺل ڳوٺ وزير رند کي دنالي بندوق ۽ڪارتوسن سوڌو گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته پوليس مختلف علائقن ۾ڪچي شراب جي بٺين ۽ڪيبنن تي ڇاپا هڻي ڇھن منشيات فروشن امير ماڇي، سانول عرف حسن علي کوکر، سرور ڪوري، نديم کوکر، فاروق ماڇي ۽ٻين کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس پاران گرفتار ڪيل خطرناڪ ڏوهاري ڪنڊو رند سميت منشيات فروشن خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾بند ڪري ڇڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.