ڊگهڙيءَ ۾ پوليس ڪارروائي، 2 ڄڻا گرفتار، ٺرو هٿ ڪرن جي دعويٰ

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگھڙي پوليس ڪارروائي ڪري منشيات الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ٽنڊي جان محمد روڊ ريلوي اسٽيشن وٽ گشت دوران ديوين جي جھنگ مان الھه آباد ڪالوني واسي محمد حفيظ ولد محمد رفيع نائي کان ڏھ ليٽر  پڪو  تيار ٿيل شراب (ٺرو) ۽ محمد رياض ولد عبدالرشيد  قريشي کان ڏھ ليٽر پڪو تيار ٿيل شراب هٿ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدارن مٿان  منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين جيل حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.