عوام سان گڏ آھيون، ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو ناهي ڇڏيو: سردار چانڊيو

فريدآباد ( ن ع آ )فريدآباد  لڳ ڳوٺ حمل ۾ ميرراڻي  چانڊيا برادري جي چڱيمڙس بخشل چانڊيو، گل حسن چانڊيو،  ساجن چانڊيو  ،حاڪم  چانڊيو  جي دعوت تي پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو  پ پ ايم پي اي  برھان چانڊيو  جي حمل ۾ پهتا، ، چانديا برادري جي ماڻهن شاندار گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي، زبردست استقبال ڪيو ويو ، ان موقعي تي پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو  چيو ته عوام سان گڏ آھيان، چانڊيا برادري کي اڪيلو ناھي ڇڏيو ، ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي آهي ، پيپلز پارتي جي حڪومت، حمل، جوهي، ڪاڇي ۽ ٻين علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري پئي جڏهن ته جلسي ۾ مرتضي چانڊيو،  خادم حسين مرراڻي چانڊيو  زاھد حسين چانڊيو،  عبدالرزاق چانڊيو،  خادم حسين مارفاڻي، حاجي خان مارفاڻي ، محرم رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.