ڪنڌڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

پيرا ميڊيڪل عملي اڄ به علي حسن قمبراڻي، قاضي اعجاز احمد، صدر الدين بهلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪشمور کان ڪراچي تائين او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي پر سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

سندن چوڻ هو ته او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب مريضن سوڌو هو به پريشان آهن، بيمارن جو احساس آهي پر رسڪ الائونس بند ڪرڻ سميت ٻيا جائز مطالبا پورا نه ڪرڻ زيادتي آهي، جنهن جي مذمت ڪجي ٿي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سندن جائز مطالبا پورا ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.