پاڪستان ڇو ڇڏيو؟ جلد حقيقتون وائکيون ڪندس: عدنان سميع

پاڪستان کان ڀارت منتقل ٿي اتان جي شهريت حاصل ڪندڙ راڳي ۽ موسيقار عدنان سميع خان پاڪستان ڇڏڻ جا ڪارڻ ٻڌائڻ  جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هڪ ڏينهن ان راز تان پردو کڻندو.

ٽوئيٽر تي ٿريڊ ۾ هن لکيو ته گهڻا ماڻهو هن کان پڇندا آهن ته هو اڪثر پاڪستان بابت غيرمناسب تبصرو ڇو ڪندو آهي. اها تلخ حقيقيت آهي ته پاڪستان جي عوام بابت اڻوندڙ ڳالهه ناهي ڪئي جيڪي مونسان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا.

ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن ڪجهه اهڙن معاملن جو ذڪر ڪيو جيڪو بقول هن جي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هئا. عدنان سميع وڌيڪ لکيو ته مان هڪ ڏينهن انهن حقيقتن تان پردو کڻندس جيڪو ورتاءُ مونسان ڪيو ويو ان بابت سڀين کي ٻڌائيندس.

مان ڪيئي ورهين کان ان ڪري چپ آهيان جو دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ بهتر وقت جو انتظار ڪري رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.