اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي خدشي سبب قومي اسيمبلي اجلاس شروع

اسلام آباد ويب ڊيسڪ )  حڪومت صدر علوي طرفان امڪاني طور اعتماد  جو ووٽ وٺڻ جو چئي آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ رخنو وجهڻ کان بچڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي. جيڪو آرمي چيف جي مقرري  واري سمري تي صدر عارف علوي جي صحيح ٿيڻ تائين جاري رهندو.

نامياري صحافي موجب اهو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته جيئن ئي نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جي سمري صدر عارف علوي ڏانهن ويندي ته صدر ان تي صحيح ڪرڻ بدران وزيراعظم شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي هدايت ڪندو ۽ آرمي چيف جي مقرري واري سمري روڪي ڇڏيندو.

ان خدشي کي نظر ۾ رکندي حڪومت قومي اسيمبليءَ  جو اجلاس سڏائي ورتو آهي. ڇو ته اجلاس  هلندي صدر عارف علوي اعتماد  جو ووٽ وٺڻ جي هدايت  نه ڪري سگهندو. ان کانسواءِ صدر علوي وٽ سمري روڪڻ جو ٻيو ڪو به جواز نه رهندو.

نوٽ: انصار عباسيءَ  جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-16 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.