موسمياتي تبديلي دهشتگرديءَ جو ٻيو نالو آهي:ڪراچي ڪانفرنس

ڪراچي (رپورٽ: ولي ناريجو)ڏيهي توڙي پرڏيهي ماحولياتي ماهرن، قانوندانن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن چيو آهي ته عالمي سرمائيداريموسمي تبديلي دهشتگرديءَ جو ٻيو نالو آهي، پاڪستان جا ساڍا 3 ڪروڙ شهري موسمياتي تبديلي جا بدترين متاثر آهن، موسمياتي تبديلي جي متاثرن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي، زمين هارين ۾ ورهائي  وڃي ۽ ماحول دوست رٿابندي ڪئي وڃي. ڪراچي ۾نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ گهريلو عورت ورڪرز فيڊريشن طرفان ”عالمي ماحولياتي تباهي جو ذميوار“جي عنوان سان ڪلائميٽ ڪانفرنس ۾ڳالهائيندي ايڌي  فائونڊيشن جي اڳواڻ فيصل ايڌيءَ چيو ته هاڻوڪي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ  جي بدترين ٻوڏ هئي، جنهن  ساڍن ٽن ڪروڙ ماڻهن کي  سڌي طرح  ۽  ڪروڙين ماڻهن کي اڻ سڌي طرح متاثر ڪيو. هن چيو ته حڪومت ۽ عالمي برادريءَ موسمي تبديلين جو شڪار ماڻهن  خاص طور ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو، ڪروڙين ماڻهو خوراڪ، دوائن ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ  جهڙين  بنيادي ضرورتن کان محروم آهن ۽ سردي جي موسم اچڻ هڪ نئين المئي کي جنم ڏيندي. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور چيو ته سرمائيدار ٽولي ترقيءَ جي ماڊل دنيا جي گولي کي ڀيانڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ماحولياتي دهشتگرديءَ جو ٻيو نالو سرمائيداري  معيشت جو نظام آهي. گذريل ڏيڊ  سئو سالن جي ترقي يافته سرمائيدار ملڪن فاسل فيول جي گهڻي استعمال دنيا جي گولي  تي زندگيءَ  جي بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ڊاڪٽر  مريم ساگ ليگل ڊائريڪٽر يورپين سينٽر فار ڪانسٽيٽيوشنل اينڊ هيومن رائٽس چيو ته  اتر جي ملڪن ۽ پرڏيهي ڪمپنين  جي مفاد پرست پاليسين ۽ ترقيءَ جي ماڊل گلوبل سائوٿ کي پيانڪ صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ماحول ۾ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۽  ماحولي دهشتگرديءَ جا ذميوار ترقي يافته ملڪ آهن.هن چيو ته ٽرانس نيشنل ڪارپوريشن ۽ ان جي منافعي جي هوس آهي. انسان ذات  ۽ دنيا کي  ماحولياتي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ اتر گلوبل ۽ ڏکڻ کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي، هن  چيو ته پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ جي متاثرن ۽  ٿيندڙ نقصانن جو سبب  ماحولياتي تبديليون آهن. جنهن جا ذميوار صنعتي طور  ترقي يافته ملڪ ۽ فاسل فيول سيڪٽر آهي. هن چيو ته ماحوليات بابت ادارو  ڏوهن  ۾ ملوث ادارن ۽ رياستن جي خلاف حرمنيءَ  ۾ قانوني  ڪارروائي جي باري ۾ متاثرن، سياسي سماجي  تنظيمن ۽ قانوندانن سان مشورا ڪري رهيوآهي،ڪانفرنس  کي ڊاڪٽر نعمان،ڊاڪٽر ٿامسن، ڊاڪٽر رياض احمد، مهناز رحمان، ڊاڪٽر اصغر دشتي، سڀاڳي ڀيل، امر گروڙ ۽ محبت پيرزادو پڻ  خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.