فحش فلمون ڏسڻ سان ڇا ٿيندو؟

گنديون فلمون ڏسڻ جو رجحان، زندگي خوشين کان محروم نه ڪيو

هن وقت تائين اسان پنهنجي پڙهندڙن جي صحت جي حوالي سان ڪيترن ئي موضوعن تي آرٽيڪل لکي چڪا آهيون جيڪي يقينن انهن جي لاءِ وڏا ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن.

اڄڪلهه جي کاڌن جي ڪري ماڻهوءَ جي صحت تي وڏا خراب اثر پون ٿا، مختلف فصلن ۾ زهر واري دوائن ۽ ڀاڻن جي استعمال جي ڪري چانور توڙي سبزيون ۽ ڀاڄيون ماڻهن جي صحت تي خطرناڪ اثر ڇڏين ٿيون.

نه رڳو ايترو پر غيرمعياري شين جو استعمال به ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي جنهن جي ڪري انسان جي صحت متاثر ٿئي ٿي.

ماڻهوءَ جي صحت جي حوالي سان هڪ اهڙي کوٽ به هوندي آهي جيڪا ڊپريشن جي خطرناڪ بيماري سميت مختلف محرومين جو سبب بڻبي آهي، پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته اڄڪلهه نوجوانن ۾ ان بيماري جي سبب جو رجحان وڌندو پيو وڃي.

اها بيماري جنسي بيماري آهي.

جنسي بيماري هونئن ته ڪو لا علاج مرض ناهي پر پوءِ به اها بي اولادي ۽ ڊپريشن جو سبب ضرور بڻبي اچي ٿي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ان بيماري جو شڪار آهي ۽ ان وقت سِر علاج نه ڪرايو ته سندس زندگي خوشين کان محروم ٿي سگهي ٿي.

جنسي بيماري جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته ڪيترائي اهڙا سبب آهن جن جي ڪري اها بيماري لاحق ٿيندي آهي، پر اڄ اسان جنهن موضوع جي ڳالهه ڪنداسين اهو”گنديون فلمون“ ڏسڻ جو رجحان آهن.

هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ شادي شده جوڙي پنهنجي لاڳاپن ۽ اميدواري نه ٿيڻ جي ڪري سائڪالاجسٽ وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

شروعاتي تحقيق يا ٽيسٽن کانپوءِ ڊاڪٽر ڏٺو ته ان جوڙي کي ڪو به جسماني يا طبي مسئلو ناهي. پوءِ ڊاڪٽر ٻنهي کان الڳ الڳ ڳالهه ٻولهه ڪئي. زال ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته سندس مڙس روز رات جو ٻي وڳي تائين فحش فلمون ڏسندو رهندو آهي.

هن موجب ته سندس مڙس جو پنهنجي سماج ۾ وڏو مان آهي، ماڻهو ان جي عزت ڪندا هئا، اهو ئي سبب آهي ته سندس زال مڙس جو اهڙو عمل لڪائي ئي رکيو.

ڊاڪٽر ٻڌايو ته عورت جي ڏنل ڄاڻ کي بنياد بڻائي هنن نوجوان جو علاج شروع ڪيو.

ڊاڪٽرن فحش فلمن ۽ ازدواجي زندگي جي وچ ۾ لاڳاپا ڳولڻ لاءِ نوجوان کان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ڪورونا وائرس دوران لاڪ ڊائون لڳايو ويو جنهن دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙيون فلمون ڏسندڙن جي سطح تمام گهڻي وڌي وئي هئي.

اهڙيون فلمون ڏسڻ ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ ذهني دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جو سبب به بڻبي آهي.ڪيترائي ڀيرا هو عمل جنسي مسئلن جي حل مطلب ته اهڙي مسئلن جو شڪار ماڻهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

ڪنهن به جوڙي مان هڪ ڄڻي جو ٻئي جي راضپي سان ڪجهه وقت تائين اهڙيون فلمون ڏسڻ ته نقصان نه ٿيون ڏين پر ارڙهن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ اهو انتهائي خطرناڪ آهي ڇو ته اهڙيون فلمون ڏسڻ ۽ جنسي تعليم جو ڪو به تعلق ناهي.

مطالعي ڪرڻ کانپوءِ ڏٺو ويو ته اڪيلائي محسوس ڪندڙ ماڻهو جيڪي تمام ٿوري وقت جي لاءِ اهڙيون فلمون ڏسندا آهن ڪڏهن ڪڏهن اهو عمل انهن جو ذهني دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو فحش مواد گهڻو ڏسندو ۽ اهو عمل ڊگهي عرصي تائين ڪندو رهندو ته ان جا اثر ناڪاري پوندا آهن جنهن سان ڏسندڙ جنسي مسئلن سميت دٻاءُ جو شڪار بڻجي ويندو.

فحش فلمن جو هروڀرو ۽ گهڻو ڏسڻ سان توهان جي ازدواجي زندگي کي گهڻو متاثر ڪندو آهي.

جيڪي ماڻهو گهڻيون فحش فلمون ڏسندا آهن اهي پنهنجي حقيقي زندگي ۾ به اهڙيون تمام گهڻيون اميدون رکندا آهن ۽ اهي لاڳاپن دوران ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن ۾ کين ناڪامي ٿيندي آهي ۽ اهڙي ريت انهن ۾ مايوسي به ٿيندي آهي.

اهڙيون فلمون ڏسندڙ ماڻهو ٽن درجن ۾ اچن ٿا.

ڪجهه ماڻهو هڪ هفتي ۾ سترهن کان چوويهه منٽن تائين اهڙو مواد ڏسندا آهن جنهن کي گهڻو خطرناڪ ناهي سمجهيو ويندو. اهڙي ماڻهن کي مختصر وقت جي لاءِ اهڙيون فلمون ڏسڻ جي ڪري خانداني يا ذهني مسئلن سان منهن ناهي ڏيڻو پوندو.

ٻئي قسم جا ماڻهو وري اهڙو مواد ڏسڻ جا تمام گهڻا شوقين هوندا آهن ۽ اهي گهڻي قدر اهو عمل ڪندا رهندا آهن. جن جي صحت تي تمام گهڻا خطرناڪ اثر پوندا آهن.

ٽئين قسم جا ماڻهو هر هفتي ۾ هڪ سئو ڏهه منٽن تائين فحش فلمون ڏسندا آهن. اهڙي ماڻهن کي پريشاني، ڪاوڙ، ننڍي ننڍي ڳالهه تي چِڙ اچڻ ۽ اڪيلائي جهڙا مسئلا ٿيندا آهن. نه رڳو ايترو پر انهن کي جنسي سطح جي حوالي سان به ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوندو آهي.

جيڪي ماڻهو گهڻو فحش مواد ڏسندا آهن ڀلي اهي مرد هجن يا عورتون، انهن کي ذهني صحت جي لاءِ ڪيترائي مسئلا ٿيندا آهن.

گهڻي وقت تائين گنديون فلمون ڏسڻ سان يادداشت گهٽ ٿيڻ، ننڊ نه اچڻ، جنسي لاڳاپا خراب ٿيڻ جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن، اهڙي ماڻهن کي علاج جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي پنهنجي زندگي ۾ خوشيون چاهين ٿا ته انهن کي اهو عمل بند ڪري علاج ڪرائڻ گهرجي.

اهڙي فلمن جي ويب سائيٽس تائين پهچ لاءِ عمر جي حوالي سان ڪو به ضابطو ناهي يا تمام گهٽ آهي جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي.

برطانيا ۾ ٻارن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ گروپن مهم هلائي آهي ته اهڙي حوالي سان قدم کنيا وڃن. آسٽريليا ۽ ڪينيڊا ۾ اهڙي ويب سائيٽس تائين پهچ جي حوالي سان بائيوميٽرڪ سڃاڻپ تي وڏو بحث ٿي رهيو آهي. پر اهو خوف به آهي ته بالغ ماڻهن جي پرائيويسي متاثر ٿي سگهي ٿي.

ان حوالي سان برازيل جي هڪ انٽرويو ۾ ليمبڪي جو چوڻ آهي ته ڪنهن به نشي جي نشو ڏيندڙ خاصيتن کي ان جي گهڻي مقدار، گهڻي ڦهلاءَ، گهڻي طاقت ۽ گهڻي جديديت سان ئي وڌائي سگهجي ٿو. انٽرنيٽ ۽ پورٽيبل ڊجيٽل ڊوائيسز اهڙي سڀني شين کي هٿي ڏين ٿيون جنهن جي ڪري اڄڪلهه فحش فلمون اڳ واري دور جي فحش فلمن جي ڀيٽ ۾ گهڻي مقدار، گهڻي سولائي سان پهچ گهڻي طاقتور ۽ جديد آهن ۽ انڪري ئي اهي گهڻو نشو ڏيندڙ آهن.

هوءَ چئي ٿي ته سيڪس جو نشو هڪ وڏو مسئلو آهي جيڪو معاشري ۾ آهستي آهستي وڌي رهيو آهي جنهن ڪري ڪيترائي مريض خودڪشي جو سوچي رهيا آهن. اها طرز زندگي يا معاشرتي اصولن بابت ناهي هوندي. اها ٽيڪنالاجي جي انهن طريقن بابت آهي جنهن جي ذريعي هن سيڪس سميت انساني تعلق کي هڪ اهڙي دوا ۾ تبديل ڪيو آهي سڀ ڪو، ايتري تائين جو ٻار به پهچي سگهن ٿا.

هن ٻڌايو ته جذباتي طور مطمئن ٿيڻ واري اها گهرج مجبوري ڏانهن وٺي ويندي آهي، مثال طور آن لائين پورنو گرافي.

هن جي خيال ۾ گهڙي گهڙي سُڪون يا مزو وٺڻ وارو احساس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان وقت سان گڏ ان جي شدت گهٽجي ويندي آهي.

اڄڪلهه جي کاڌن کي ڏسجي ته اهي ته اڳ ئي زهريلا آهن ويتر اهڙي ويب سائيٽس تي گنديون فلمون ڏسڻ سان مردن توڙي عورتن ۾ جنسي مسئلا پيدا ٿيندا آهن جيڪي بي اولادي جو سبب به بڻجي سگهن ٿا ۽ ماڻهو کي زندگي جي خوشين کان محروم بڻائي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.