راڻيپور: ڳوٺاڻن جو ميبنا طور گھر تي حملو ۽ اغوا جي ڪوشش ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

راڻيپور ۾ ڳوٺاڻن پاران ميبنا طور گھر تي حملو ۽ اغوا جي ڪوشش ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ وڏا ڀيلار جي رهواسين منصور، صوفي سڪندر ڀيلا، مسمات حسرت ۽ غلام فاطمه پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته 9 مهينا اڳ سندن ڀاءُ محنت ڀيلار، سئوٽن درويش، منير، احسن ۽ جيجل ڀيلار اغوا ڪيو هو، جنهن جون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد راڻيپور پوليس بازياب ڪرايو هو.

هنن چيو ته معاملي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ آهي، جڏهن ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جوابدارن ٻيهر گھر تي فائرنگ ڪري اغوا جي ڪوشش ڪئي ته ٻارڙن جي رڙين تي فرار ٿي ويا.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪندي چيو ته معاملي جي اين سي راڻيپور ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪارروائي نه پئي ڪري، فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.