صدر ۽ وزيراعظم سميت ملڪي قيادت پاران ترڪيه ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف سمير ملڪي قيادت ترڪيه جي شهر استنبول ۾ دهشتگردي واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ صدر مملڪت جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي، ترڪيه حڪومت ۽ عوام سان دهشتگردي واري واقعي خلاف گڏ بيٺا آهيون.

هن قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي استقلال اسٽريٽ ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ استنبول ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو افسوس آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، هر قسم جي دهشتگردي مذمت جوڳي آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به ترڪيه جي شهر استنبول ۾ بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي ترڪ حڪومت ۽ عوام سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته دنيا کي دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، معصوم انسانن تي حملا ڪرڻ وارا معافي جي لائق نه آهن.

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي پڻ استنبول ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو.

جي يو آءِ  ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ترڪيه ۾ دهشتگردي واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

واضح رهي ته ترڪيه جي شهر استنبول ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڇهه ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته  ڪيئي زخمي ٿي پيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.