خيرپور لڳ سي آءِ اي پوليس جي گاڏي ڪلٽي، ڊرائيور فوت

خيرپور(ڊ ر )خيرپور ڀرسان ڳوٺ منگي واسي سي آئي اي پوليس اھلڪار قومي شاهراهه تي شڪي ڪار جو پيڇو ڪندي پوليس موبائيل ڪلٽي  ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو هو پوليس موبائيل ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ موبائيل ڊائيور صوبل خان پٽ عيدل ڪانڌڙو سخت زخمي ٿي پيو هيو جنھن کي اسپتال پھچايو ويو ھو  زخمي ٿيل موبائيل ڊائيور اڄ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنھن جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ منگي ۾ آندو ويو جتي سرڪاري طور شھيد اھلڪار کي سلامي پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ايس ايس پي خيرپور سميت ٻيا ڪيترائي آفيسر کيس سلامي پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.