صحت کاتي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي جاءِ تي مرد ڀرتي

مردان (ويب ڊيسڪ) صحت کاتي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي سيٽن تي مردن جي ڀرتين جا الزام سامهون اچڻ بعد صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊي ايڇ او واقعي کي فنانس ڊپارٽمينٽ جي غلطي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ناڻي کاتي ذميواري صحت کاتي تي لڳائي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهربل سيٽون نه هجڻ باوجود صحت کاتي جي آفيسرن مختلف ڪيڊرن ۾ ڀرتيون ڪيون آهن ۽ پنهنجي پگهارن لاءِ ايل ايڇ ڊبليو سيلري پوزيشن ڪوڊ استعمال ڪيو آهي. ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته مردان جي صحت کاتي ۾ 30 ايل ايڇ ڊبليو (ليڊي هيلٿ ورڪرز) جي پوسٽن تي مردن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.