ڌاٻيجي جي ٽيڪسٽائل مل پورهيت کي ڪڍي ڇڏيو، احتجاج

ڌاٻيجي (ن ع آ)  ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽرين اندر اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ پورهيتن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ رڪجي نه سگهيو جبري برطرفيون جاري آهن، انهي موقعي تي انور پنهور ٻڌايو ته  ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري انور ٽيڪسٽائل مل ۾ گذريل ١٥ ورهين کان پورهيو ڪري رهيو هئس گذريل ڏينهن ايڊمن ملڪ پاران بلاجواز نجي فيڪٽري انور ٽيڪسٽائل مل جو بنا ڪنهن جواز ۽ نوٽس جي گيٽ بند جبري طور برطرف ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب مڪمل طور تي فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبورٿي ويو آھيان هنن وڌيڪ الزام مڙھيندي چيو فيڪٽري اندر مقامي سنڌي پورهيتن کان نجي جيل جيان ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ ٻاهريان ماڻھن کان ليبر لائع تحت فيڪٽري اندر هڙئي سهولتون ڏنيون ويون آھين جڏھن ته مقامي پورهيتن کان نجي جيل جيان  گهٽ اجري تي پورهيو ڪرائي ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي هن ليبر ڊاريڪٽر حيدر آباد صنعت جي وزير کان اپيل ڪندي چيو ته نجي فيڪٽري جي تعصب پرست انتظاميا خلاف نوٽس وٺي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.