لاڙڪاڻي مان ڄامشوري ويندڙ پيرسن رستي مان پراسرار نموني گم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان چار ڏينهن ڄامشوري پٽ ڏانهن ويل پيرسن رستي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن جا وارث سخت  پريشان آهن جن پيرسن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي مينهل آباد پاڙي جو رهواسي پيرسن حاجي محمد دايو چار ڏينهن اڳ گهران اهو چئي نڪتو ته هو ڄامشوري پنهنجي پٽ ڏانهن وڃي رهيو آهي جنهن کان پوءِ پيرسن رستي مان گم ٿي ويو آهي اهڙي تصديق پيرسن جي پٽ نثار دايو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پيرسن والد چار ڏينهن اڳ مون سان ملڻ لاءِ ڄامشوري لاءِ گهران نڪتو جيڪو مون وٽ ناهي پهتو ۽ هو رستي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو جيڪو لاڙڪاڻي واري گهر به ناهي پهتو جنهن ڪري اسين سخت پريشان آهيون. هن آءِ جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پيرسن والد جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.