معاملي کي راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ نينگر جي وارثن تي دٻاءُ

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ قادرپور سندراڻي محلا جي رهواسي صحافي ذوالفقار سندراڻي جي ڀائٽي 10ورهين جي نينگري سان ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار مبينا زيادتي ڪئي، جنهن بعد معاملي کي راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ نينگر جي وارثن تي پريشر وڌي ويو هو ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد مبينا نينگر سان زيادتي ڪندڙ ڌر بااثر پاران الٽو نينگر جي وارثن پي ۽ چاچن مٿان حملي جي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ 10 ورهين جي نينگر بلاول  پٽ عبدالشڪو سندراڻي چيو جوابدار بابر سندراڻي زبردستي مبينا زيادتي ڪئي آهي جڏهن ته نينگر سان زيادتي بعد شڪايت ڪرڻ بعد بااثر وڏيري صحافي ذوالفقار علي سندراڻي ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.