عمران خان تي حملو، وزيراعظم چيف جسٽس کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان کي اهم خط لکي ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن تحريڪ انصاف چيئرمين تي حملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف طرفان چيف جسٽس آف پاڪستان کي لکيل خط ۾ اپيل ڪئي آهي ته عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا 5 سوالن تي خاص طور غور ڪري سگهي ٿي.

وزيراعظم موجب لانگ مارچ جي حفاظت جي ذميواري ڪهڙن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هئي؟ ڇا حفاظتي قدم کنيا ويا ۽ ضابطا لاڳو ڪيا ويا ۽ ڇا انهن تي عمل ٿيو؟

وڌيڪ سوال ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته حادثي جون پنهنجون حقيقتون ڪهڙيون آهن؟ هڪ کان وڌيڪ شوٽرز جي موجودگي جي اطلاع، جوابي فائرنگ، مجموعي طور تي نشانو بڻجندڙن جو انگ، انهن جي زخمن جي نوعيت بابت حقيقتون ڪهڙيون آهن؟

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ به چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.