حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي 29 ميمبرن جا چونڊ نتيجا پڌرا

حيدرآباد( پ ر ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي مرڪزي ڪميٽي جي 29 ميمبرن جي چونڊ  جا نتيجا پڌرا، گذريل ڏينهن سنڌ جي 23 ضلعن ۾ پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا. اليڪشن ۾ 41  اميدوارن حصو ورتو. 41 مان 29 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. اليڪشن جا نتيجا عوامي تحريڪ جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ماما عارب پڌرا ڪيا. جنهن تحت سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندڙ ترتيبوار اميدوار هي آهن، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، حور النساءِ پليجو، لال جروار، نور احمد ڪاتيار، سجاد احمد چانڊيو، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار، وسند ٿري وڪيل، عمره سمون، حسنه راهوجو، ماھ نور ملاح، نور نبي پليجو، ساجد مهيسر وڪيل، راحيل ڀٽو وڪيل، عارف جوڻيجو، ستار رند، ادريس لغاري، مير بشير ٽالپر وڪيل، عبدالله ٻپڙ وڪيل، ديال صحرائي، ڄام تماچي، مير پرويز دائودپوٽو وڪيل، عبدالرحمان سمون، علي محمد پرويز ميمڻ، اياز کوسو، هرچند لال، نجيب مهيسر وڪيل، آصف کوسو وڪيل ۽ سرواڻ جتوئي چونڊجي آيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.