گهوٽڪي ۾ مقتولا جي مڙس جو جاچ آفيسر خلاف احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي اندر هڪ مهينو پهريان بيدردي سان قتل ڪيل عورت نيهالان کوسو جي مڙس فقير قادر بخش کوسو احتجاج ڪندي چيو ته 11 مهينا پهرين جوابدار محسن انڍڙ ، محمد اسماعيل، نثار ۽ ٻين گهر ۾ گهري منهنجي گهرواري بي بي نيهالان کي بي دردي سان قتل ڪيو ، جنهن بعد اهڙي ايف آءِ آر گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي درج ڪرائي پر ڊي آءِ جي سکر جي جاچ آفيسر مقرر ڪيو، پر  غلام محمد جماڻي جوابدارن کان رشوت وٺي غلط جاچ ڪري منهنجي قتل ڪيل گهرواري جو خون لوڙي ڇڏيو ، هن چيو ته جوابدار کلي عام گهمن پيا، مون کي قتل جون ڌمڪيون ڏين پيا، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.