نيدر لينڊز ڏکڻ آفريقا کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ٽورنامنٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ايڊيليڊ(م ڊ)آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ نيدر لينڊز ڏکڻ آفريقا کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ٽورنامنٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو، نيدر لينڊز جي ڪنهن به فارميٽ ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ڪاميابي آهي، ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 159 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ان کي 13 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، ڪولن من کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، گذريل ڏينهن ايڊيليڊ اوول ۾ کيڏيل ٽورنامنٽ جي اهم ميچ ۾ نيدرلينڊز اڳ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 4 ووڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون اسڪور ڪيون جواب ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر 20 اوورز ۾ 8 ووڪيٽن جي نقصان تي 145 رنسون اسڪور ڪيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.