باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، تعلقي موومينٽ جي سڏ تي احتجاج ، ڌرڻو

باڊهه (  ن ع آ ) باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ هر هفتي آچر تي ٿيندڙ احتجاج جي سلسلي ۾ هن آچر تي به باڊهه تعلقي موومينٽ پاران موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرز زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ  قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي علمي ادبي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن ڪامريڊ عزيز بروهي، دودو ديشي، علي انور عسڪري، اصغر علي نوناري، محمد علي خشڪ، حاڪم گوپانگ، وفا غلام فريد سومرو، مهراڻ راڄپر، صحافي نبي رضا بلوچ، محمد هاشم مدني سومرو، استاد بخشل مگسي، نواب پٺاڻ، سوڍو خان سولنگي، قربان شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ حڪومت توڙي مقامي چونڊيل نمائندن خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت شروعات ۾ بجيٽ گهٽ هئڻ جو جواز ڄاڻائي باڊهه تعلقي بڻائڻ ۾ دير ڪئي، جڏهن ته ان وقت ڪياماڙي کي ضلعو ٺاھي اڊهه تعلقي موومينٽ پاران ڏيڍ لک کان وڌيڪ آبادي واري شهر کي تعلقي بڻائڻ جون گهربل تمام تقاضائون پوريون ڪيون ويون آهن هنن چيو ته باڊهه شهر آبادي و ايراضي جي اعتبار کان تعلقي جو حقدار آهي ۽ سنڌ جي ٻن وڏن وزيرن پڻ باڊهه کي تعلقي بڻائڻ جا مختلف وقتن تي واعدا ڪيا آهن، پر نظر انداز ڪيو ويو، هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي باڊهه کي تعلقي ڪن، نه ته احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.