پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ باوجود شاهد آفريدي کي ڳڻتي!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پاڪستان ٽيم جي بيٽنگ آرڊر ۾ تبديلي جي صلاح ڏئي ڇڏي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته بيٽنگ لائن لاءِ جيڪي فيصلا ٿي رهيا آهن انهن تي حيران آهن، بابر اعظم کي اوپننگ نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته مون کي پاڪستان ٽيم جي بيٽنگ لائن جي ڳڻتي آهي، بالر پنهنجي سٺي پرفارمنس ڏئي رهيا آهن، حارث کي پوئتي نه کيڏائجي، کيس اوپنر موڪلڻ گهرجي، هو چئني پاسن ڏانهن شاٽ کيڏي سگهي ٿو، جڏهن ته بابر اعظم کي ٽئين نمبر تي اچڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته حارث شروعاتي 6 اوورن ۾ ٽيم کي فائدو پهچائي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻيون ٽيمون رضوان تي گهڻو هوم ورڪ ڪري آيون آهن، کيس تيز رنسون ڪرڻ نه ڏينديون،.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.