هي بابر ۽ رضوان کان اڳتي نڪري ويندو، ڀارتي ڪرڪيٽر جي اڳڪٿي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پاڪستاني بيٽر محمد حارث جي جارحاڻي اننگز تي ڀارت جو اڳوڻي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ به تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ سهواگ چيو آهي ته جنهن نموني محمد حارث بيٽنگ ڪئي سندس مستقبل روشن آهي، اوهان ڏکڻ آفريڪا خلاف آسٽريليا جي وڪيٽ تي ڀلي 28 رنسون ٺاهيو پر اهي 60 رنسن جي برابر آهن.

وريندر سهواگ چيو ته محمد حارث جيڪڏهن آرام سان کيڏي ها ته آئوٽ نه ٿيا وڌيڪ رنسون ٺاهي پئي سگهيو پر جنهن نموني هو کيڏيو اهو ڪمال آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو ائين ئي کيڏندو رهيو ته پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي بابر ۽ رضوان کي هيٺ اچڻ تي مجبور نه ڪري ڇڏي ته مان مٿي اچان ٿو اوهان هيٺين نمبرن تي بيٽنگ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.