قرضن جي ڌٻڻ مان نڪرڻ جو رستو

فضل سليمان قاضي

ڪنهن به ملڪ جي اقتدار اعليٰ جي خودمختياري جو دارومدار ان ملڪ جي پاڻڀرائپ تي هوندو آهي. جڏهن خرچ مجموعي طور تي وسيلن جي آمدني کان وڌي ويندا آهن ته مجبورن حڪومت خرچن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي. ان حالت ۾ معمول  جي انتظامي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ مجبورن عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان قرض ورتا ويندا آهن جنهن جو ملڪ جي اقتصادي ۽مالي حالت تي تمام خراب اثر پوندو آهي. قرضن جي ادائگي ۽ ان تي وياج جو ٻوجهه برداشت ڪرڻو پوندو آهي.

انهن حالتن ۾ ڪو به مقروض ملڪ آزادي سان اقتصادي، مالياتي ۽ پرڏيهي پاليسي جوڙي نٿو سگهي. اهو پوءِ قرض ڏيندڙ ملڪ جو هر وقت محتاج رهندو آهي ۽ سندن مڙهيل پاليسين تي هلڻ تي مجبور ٿيندو آهي.

اهڙي صورتحال جو ذڪر ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دنيا ٽي وي نيوز کي انٽرويو ڏيندي انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پهرين ٻن سالن ۾ ويهن ارب ڊالرن جو قرض ادا ڪيو آهي جنهن ڪري لڳ ڀڳ اڌ کان وڌيڪ وصوليون  ان تي خرچ ٿيون آهن، انهن قرضن جي ادائگي کانپوءِ محدود وسيلا بچيا آهن جن مان ئي عوام جي فلاح جا ڪم ڪري سگهجن ٿا. قرض جون ادائگيون ڏيندي ڏيندي ملڪ جو مالياتي خسارو وڌندو رهي ٿو. جنهن ڪري ملڪ جي عوام کي ڪابه بنيادي سهولت جهڙوڪ پيئڻ جو پاڻي، بجلي، پيٽرول، صحت، تعليم وغيره مهيا نه ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا ان حوالي ۾ اميد نظر نظر اچي ٿي. اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن خرچن جي مد ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي نٿي آندي وڃي.

ڊان اخبار جي رپورٽ موجب پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ طرفان اقتصادي ترقي رفتار جو ڪاٿو 1.5-2.5 P.C ڄاڻايو ويو آهي. برعڪس ان جي ورلد بينڪ جي ڪاٿي مطابق اقتصادي ترقي جي رفتار جي اڳڪٿي 0.5.P.C. ڪئي وئي آهي. کاڌ خوراڪ جي اهم شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. جن ۾ گهٽتائي جي ڪا اميد نظر نه ٿي اچي. حڪومت ۾ ڪا اميد نظر نه ٿي اچي. حڪومت بي وس آهي. حالتون انجي انتظامي، صلاحيت کان ٻاهر نڪري ويون آهن. حڪومتي تعلقات عامه جي ڪارندن کان هاڻي عوام بيزار ٿي چڪو آهي روز ٽي وي تي بڪ بڪ جو پروگرام جاري آهي. عوام انهن پروگرامن ۾ ٿيندڙ بڪواس مان بيزار ٿي ويو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان.

جيڪي خواب  عمران خان عوام کي ڏيکاريا هئا انهن جي ساڀيان نه ٿي سگهي آهي. نه ئي اميد نظر اچي ٿي. نڪمن وزيرن ۽ معاوين جي فوج عمران خان لاءِ باعث ذلت ٿي آهي.

شمشاد احمد پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو آفيسر رهيو آهي ۽ ترقي ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو سيڪريٽري رهيو آهي تنهن رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي يادگيرين جو ڪتاب  Dreams unfulfilled لکيو آهي جنهن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته “بدقسمتيءَ سان آزاديءَ کان وٺي پاڪستان جي شهرن کي ملڪ جي تاريخ تعين ڪرڻ جو موقعو فراهم نه ٿيو آهي، ملڪ جي نظام حڪومت ۽ ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي پاليسين ٺاهڻ ۾ ڪو به موقعو فراهم نه ڪيو ويو آهي پاڪستان جي شهرن جو استحصال ٿيندو رهيو آهي عام طور ”پاڪستان جو نظريو“ ۽ ”ٻاهرين خطرن“ کان خوفزده ڪرڻ واري وايو منڊل جي تشريح ٿيندي رهي آهي. انهن خوفن ۽ خطرن کان نجات نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري ملڪ جو اصل خطرن کان مقابلو ڪرڻ پوئتي رهجي ويو آهي“

اخبارون ۽ ٽي وي چينل انهيءَ پروپئگنڊا ۾ مصروف آهن جن مان نڪرڻ جي ضرورت آهي. شمشاد احمد صاحب لکي ٿو ته ” آزاد رياست جي حيثيت ۾ اسان جون سوچون ٻاهرين خطرن ۽ ملڪ جي تحفظ ۽ بقا سان سلهاڙيل آهن. انهن مان نجات جو ذريعو ڳولهڻو پوندو جيئن انهن خوفن ۽ خطرن جو انت ٿئي. آخري ۾ شمشاد احمد جي چوڻي ته ”دور جديد“ غير معمولي وقت“ آهي انجي تقاضا تحت غير معمولي صلاحيت جي ضرورت آهي“

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.