پريالو ۾ منافعي خورن واهپي جون شيون مهانگيون ڪري ڇڏيون

پريالوءِ (ن ع آ)پريالوءِ ۾ مهنگائي چوٽ چڙهي وئي منافعي خور واپاري عام واهپي جون شيون پنهنجي من پسند اگهن تي وڪرو ڪرڻ لڳا انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل عوام سخت پريشانين ۾ مبتلاء ، شهرين غلام حسين سومرو، اصغر علي ملڪ؛ منظور احمد جماڻي منور علي بوئو؛ ڪليم ﷲ ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پريالوءِ ۾ مهنگائي چوٽ چڙهي وئي آهي منافعي خور واپارين ، سبزي, فروٽ, گوشت, مڇي, کير, اٽو, چانور, داليون, کنڊ, سوڌو عام واهپي شين جا ٻيڻا ، ٽيڻا اگه مقرر ڪري ڇڏيا آهن دڪانن توڙي ريڙهن تان ريٽ لسٽون غائب هجن ٿيون ، مختيارڪار ڪنگري سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر پنهنجي آفسين تائين محدود آهن ڪير به منافعي خور واپارين کان پڇڻ لاء تيار ناهي اڳئي مهنگائي جي ستايل عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي مٿان وري منافعي خور واپارين جي ڦر لٽ وڌيڪ جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ايتري قدر جو غريب طبقي جي ماڻهن کي ٻه ويلا پيٽ ڀري کائڻ کان محروم ڪيو ويو آهي هتان جي ساڃاه وندن پاران ڊپٽي ڪمشنر  سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته هٿرادو مهنگائي جو نوٽس وٺي منافعي خور واپارين جي ڪن مهٽ ڪري غريب عوام کي رليف ڏئي کين جيئڻ جو حق فراهم ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.