علي ظفر جون تجويزون ايلون مسڪ جي سمجهه ۾ اچي ويون

عالمي شهرت يافتا پاڪستاني ڳائڻي علي ظفر سماجي رابطن جي ويبسائيٽ ٽوئيٽر کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون جيڪي ٽوئيٽر جي نئين مالڪ کي وڻيون.

ايلون مسڪ گذريل ڏينهن ٽوئيٽر واهپيدارن کان وائن ايپ جي بحالي بابت راءِ ورتي ته مشهور آمريڪي يوٽيوبر بيسٽ چيو ته جيئن اهو ٽڪ ٽاڪ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ته مزاحيا آهي.

جنهن تي ايلون مسڪ سوال ڪيو ته اسان وائپ ايپ کي ٽوئيٽر کان بهتر بڻائڻ لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ ان تي ڳائڻي علي ظفر به پنهنجي راءِ ڏني جنهن ۾ مختلف صلاحون هيون.

علي ظفر لکيو ته تخليق ڪندڙن کي ”لائيڪس“ ۽ فالوورز جي جنگ مان نڪري وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. کين پنهنجي الڳ ڊيجٽل دنيا ٺاهڻ جي آزادي ڏني وڃي جتان هو مرضي سان تخليق ڪري سگهن، مختلف شيون سکي سگهن ۽ ڪمائن.

ائڻي وڌيڪ لکيو ته ٽوئيٽر کي الگورٿمز کي به بهتر بڻائڻ گهرجي جيئن مختلف ملڪن جا هم خيال ماڻهو هڪ جڳهه تي جڙي سگهن ۽ هڪ ٻئي سان مواد شيئر ڪري سگهن ۽ ان سان هو سيڙپڪاري به سولائي سان ڪري سگهن.

علي ظفر جي تجويزن کي ساراهيندي مسڪ لکيو ته جاپان جي اڌ کان وڌيڪ نوجوانن وٽ حيرت جوڳو ۽ منفرد مواد آهر پر جاپان کانسواءِ ڪٿي به نظر نه پيو اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.