نيٽ واهپيدارن لاءِ خوشخبري، واءِ فاءِ جو نئون نظام اچي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي سياستدانن سج جي شعاعن کي استعمال ڪندي نئون واءِ فاءِ سسٽم متعارف ڪرايو آهي.

سعودي ماهرن هڪ نئون واءِ فاءِ سسٽم متعارف ڪرايو آهي جيڪو سج جي شعاعن تي هلندو.

هن سسٽم جو نالو صبح جون دريون رکيو ويو آهي.

اهو روايتي نيٽ ورڪ جي ڀيٽ ۾ ڊيٽا جي منتقلي ۾ تيز ۽ سستو نظام آهي.

سعودي جي نئين ايجاد اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي پر مستقبل ۾ ان کي خاص سمارٽ شيشي جي درين ذريعي رهائشي عمارتن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هي روايتي واءِ فاءِ نيٽ ورڪس جي جاءِ وٺندو.

هن نئين سسٽم جي مدد سان سج لهڻ کان پوءِ به توانائي جاري رهندي ۽ هي نئون نظام گهٽ توانائي استعمال ڪندو، اسمارٽ گلاس سولر واءِ فاءِ سسٽم ڊيٽا جي منتقلي کي تيز ۽ سولو بڻائيندو ۽ اها ايجاد ماحول دوست به هوندي.

سعودي سائنسدان پنهنجي ايجاد جي پهرين ماڊل کي جديد بڻائڻ ۽ لاڳو ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان تي به تحقيق ڪري رهيا آهن ته ڊيٽا جي شرح کي ڪيئن وڌايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.