مڇر ڪالوني واقعو سوچي سمجهي سازش تحت ٿيو آهي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) مڇر ڪالوني ۾ قتل عام وڏي منصوبابندي سان ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم_پيپلز پارٽي ٺاهه جو مک نقطو ئي اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڏوهارين کي بنا ڪيس هلائڻ جي بري ڪيو ويندو، جنهن ڪري مڇر ڪالوني ۾ سنڌي نوجوانن کي قتل ڪرائيندڙ مک جوابدار علائقي جي پيش امام کي آزاد ڪيو ويو آهي. سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪندڙ جوابدران جي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ سرپرستي خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ (1 نومبر) شام جو حيدرآباد ۾  مشعل بردار ريلي ڪڍي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ مرڪزي اڳواڻ عمراه سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته نبيل گبول، سعيد غني، مصطفيٰ ڪمال ۽ مڇر ڪالوني جي مسجد جي پيش امام ماڻهن کي ڀڙڪايو آهي. جيستائين انهن سمورن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري، هن واقعي جي عدالتي ڪميشن نه جوڙي ويندي تيستائين سنڌ جو عوام جدوجهد جاري رکندو. هنن چيو ته سنڌي ماڻهن جون زندگيون سستيون ڪيون ويون آهن،نام نهاد قومي ميڊيا ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور جي قتل کي شهباز گل جي مسڪراهٽ جي خبرن جيتري به اهميت ناهي ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.