ڏوڪري لڳ گهر تي ڪاهه، ڦرلٽ، ناري اغوا

موهن جو دڙو ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ويهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ راحب جوڻيجو ۾ سڱاوتي معاملي تان گذريل رات ڳوٺاڻي بشير جوڻيجو جي گهر ۾ جوڻيجا برادري جي ماڻھن هٿياربند ساڻ ڪري گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي،20  ڍور،هڪ لک روڪ رقم،2 تولا سونا زيور،شادي شده عورت زينب زال محمد جمن مبينا اغوا ڪري کڻي ويا آھن، جڏھن ته واقعي جي اين سي ويهڙ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي،هوڏانهن ڳوٺاڻو بشير جوڻيجو ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته اسان جو جلال جوڻيجو ڌر سان سڱاوتي مسئلو هلندڙ ھو،هن چيو ته اسان فيصلي لاءِ به راضي هياسين پر هو ڌر فيصلي لاءِ ڪٿي به راضي نه ٿي، گذريل رات 15 کان مٿي هٿياربند ساڻ ڪري منهنجي گهر ڀاتين کي يرغمال ڪري منهنجي ڀاڻيجي زينب کي اغوا ڪيو ويو آھي،هن چيو ته چوپايو مال،روڪ رقم،سونا زيور به کڻي ويا آھن،هوڏانهن ويهڙ پوليس جو چوڻ ھو ته واقعي جو اطلاع اسان کي ڏنو ويو آھي،اسان هر مسئلي جي جاچ ڪري رهيا آھيون،ھن چيو ته فريادي بشير جوڻيجو پاران اسان کي ايس ايس پي جي لکيل درخواست ڏني وئي آھي،جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري ڳوٺاڻي سان انصاف ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.