نيو سعيد آباد ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف متاثرن جو ڌرڻو

نيوسعيدآباد ( ت ر) برساتي پاڻي نيڪال جي سست رفتاري  خلاف سوين متاثرن پاران مهراڻ هاءِ وي تي احتجاجي مارچ ڪيو ويو، مظاهرين مهراڻ هاءِ وي تي احتجاج ڪرڻ بعد نيوسعيدآباد شهر تائين 6 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري شهر جو گشت ڪرڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد جي آفيس سامھون پراڻي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن دوران تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ڊپٽي ڪمشنر مٽياري خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ،ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن مهينن کان گهرن کان ٻاهر روڊن تي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون،پاڻيءَ جو نيڪال سست رفتاري سان ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي ۽ڪوڙا ووچرٺاهي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، هنن جو چوڻ هو ته پاڻيءَ بيهڻ سبب مڇرن جي آزار سبب سوين ماڻهو مليريا سميت ڪيترن ئي بيمارين ۾وڪوڙجي ويا آهن ۽ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن پر چونڊيل نمائندا ۽انتظاميا پاڻيءَ نيڪال نه ڪرائي سگهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.