معاشي بدحاليءَ جو خاتمو ڪيئن ممڪن آ

خاصخيلي لطيف راولاڻي

اسان جو ملڪ گذريل ڪافي سالن کان غربت ۽ معاشي گھوٽالي جو شڪار رھيو آھي ۔۽ دنيا ۾ ان جو ڳاڻيٽو پوئتي پيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۔جيڪي اڻ سڌريل آھن عالمي ادارن ۾ انھن ملڪن جا انگ اکر واضح ٿيل آھن ۔اسان جي بدقسمتي اھڙي آھي جو ملڪ جا حڪمران جڏھن کان ملڪ ٺھيو آھي غربت ۽ بيروزگاريءَ کي ختم نه ڪري سگھيا آھن جيئن جيئن آبادي وڌنڌي ٿي وڃي ان انگ ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيندو ٿو وڃي ۔ڏينھون ڏينھن معاشي بدحالي وڌنڌي ٿي وڃي ھتي ڪي اھڙيون پاليسيون مرتب ڪونه ٿيون ڪيون وڃن ۔جيئن جو تيئن ملڪ کي ھلايو وڃي ٿو ۔ڪي وڌيڪ سماجي ڀلائي جا ادارا کولي غربت ۽ معاشي بدحالي کي قانوني شڪل ڏيئي ان کي اڳتي وڌايو وڃي ٿو ۔ان جي خاتمي لاءِ  ته سوچيو ڪونه ٿو وڃي ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري ڪيئن ختم ڪريون ۔ملڪ کي ڇڏي اسان رڳو سنڌ صوبي جي ڳالهھ ڪريون ته ملڪ جا سڀ وسيلا معدني ۽ صنعتي زرعي ترقياتي سنڌ  ۾ موجود آھن پوءِ به سنڌ جو ماڻھو بک ٿو مري روزگار جا ذريعا انھن جي لاءِ  بند ڪيا ويا آھن ۔آخرڪار ملڪ جا حڪمران ان جو حل ڇو ڪونه ٿا ڪڍن يا اھي چاھين ٿا ته ڀلي ھي ملڪ پوئتي پيل ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ھجي جيئن ٻاھرين امداد ملندي رھي ۽ عالمي ادارا به چندو ڏيندا رھن ان ڪري ئي جڏھن کان ھي ملڪ وجود ۾ آيو آھي ان جون پرڏيھي پاليسيون تبديل نه ٿيون آھن ۔۽ عوام به انھي تي ئي عمل پيرا آھي جھڙا حڪمران اھڙي ئي عوام.

ڪافي سال پھريان جڏھن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب ڪر کنيو اتي ھڪ آزاد انقلابي رياست قائم ٿي ته ھتي به کاٻي ڌر سرگرم ٿي ۽ 1967ع ۾ مزدور جدوجھد،  غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ  جدوجھد شروع ٿي ۔پر ايوبي آمريت ان کي مختلف طريقن سان وڌڻ نه ڏنو ،  ان صورتحال تي سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ڪيئن خاموش رھن؟ انھن به ايوبي آمريت جي خلاف پنھنجو آواز بلند ڪيو ۔مختلف حڪمرانن جي دور ۾ غربت ۽ معاشي بدحالي جي خاتمي لاءِ  احتجاج ٿيا آھن پر اڄ ڏينھن تائين ڪابه واضح پاليسي نه جڙي سگھي آھي ۔ھتي جا ڪامورا، وڏيراشاھي ۽ ڀوتارڪو ڪلچر ڏينھون ڏينھن مضبوط ٿيندو پيو وڃي ۔عوام بدحال ٿيندو پيو وڃي ۔ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ  سنڌ جي وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي  ۾ صنعتي ڄار وڇائي فئڪٽريون ۽ انڊسٽريل زون قائم ڪيا وڃن جيئن وڌندڙ بيروزگار ۽ معاشي بدحاليءَ کي ٻنجو اچي سگھي ۔پر لڳي ته ٿو موجوده صورتحال ۾ ائين ٿيڻ مشڪل آھي اسان جا حڪمران ائين ٿيڻ نه ڏيندا ڇوته ملڪ خوشحال ٿيڻ سان غربت جو انگ گھٽجي ويندو ۽ ملڪ کي ملندڙ امداد بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پوندو ۔خاص طور تي عورتن تي وڏو اثر به پئجي سگھجي ٿو جيڪي محنت مزدوري ڪرڻ بجاءِ انڪم سپورٽ جي آسري ۾ ويٺل ھونديون آھن.

ھڪ اخباري سروي موجب اسان جي پٺتي پيل ملڪ جيڪو ھاڻي پٺتي پيل ڪونھي اتي لکن جي تعداد ۾ عورتون گھر ۾ ويھڻ جي بجاءِ فئڪٽرين ۾ نوڪريون ڪن ٿيون جنھن سان ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي انگ ۾ گھٽتائي ٿي آھي ۽ اتي جو عوام ۽ ملڪ ٻئي خوشحال ٿيندا پيا وڃن ۔انھن گڏجي غربت جي خاتمي جي جنگ وڙھي آھي جنھن ۾ انھن کي ڪاميابي ٿي آھي ۔دنيا جا ٻيا اھڙا ڪافي ملڪ آھن جيڪي ھاڻي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿين پيا ۔سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ نيون راھون روشن ڪيون آھن ۔اسان کي به انھيءَ غربت بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي مان نڪرڻو ئي پوندو ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.