ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: فنچ جي ففٽي، ڪينگروز جي آئرش ٽيم کي 42 رنسن تان شڪست

برسبين ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي عاليم ڪپ جي سُپر 12  مرحلي جي جي گروپ ون جي ميچ ۾ آسٽريليا آئرلينڊ کي 42 رنسن تان هارائي ڇڏيو آهي.

برسبين ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئرلينڊ جي ڪپتان اينڊ بل برني ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 179 رنسون اسڪور ڪيون، ڪپتان ايرون فنچ 63 ۽ مارڪس اسٽوئنس 35 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

هدف پٺيان ڊوڙندي آئرش ٽيم 19 هين اوور ۾ 137 رنسن تي ڍير ٿي وئي، لورڪن ٽڪر 71 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، گلين ميسڪويل ۽ ايڊم زمپا ٻن، ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

شاندار ففٽي اسڪور ڪرڻ تي ايرون فنچ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.