اياز صادق کي قانون ۽ انصاف جو قلمدان ملي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ اڳواڻ اياز صادق کي قانون ۽ انصاف جي وزارت جو قلمدان سونپي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ اياز صادق کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر  ۽  ن ليگ اڳواڻ سردار اياز صادق وٽ اڪنامڪ افيئرز جو وزارت پڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.